English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: رزاق آباد مان ٽن ٻارن جي ماءُ پراسرار نموني گم، مڙس جو ٻارڙن سميت احتجاج
238 views
|
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
جمشيد ابڙو شاهه لطيف ٿاڻي تي پهچي گهرواري نيبله ابڙو جي گمشدگي بابت رپورٽ داخل ڪرائي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير ضلعي جي علائقي رزاق آباد فيضان ڪالوني جي رهواسي ٽن ٻارن جي ماءُ نيبله ابڙو پراسرار نموني لاپتا ٿي وئي آهي۔ ان سلسلي ۾ مڙس جمشيد ابڙو پنهنجي زال جي گمشدگي جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻو شاهه لطيف ٽائون پهچي ڪيس داخل ڪرايو جنهن بعد جمشيد ابڙو پنهنجي معصوم ٻارن سان گڏ عوامي پريس ڪلب ملير ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته منهنجي زال نيبله ابڙو کي مون 7 نومبر 2025 تي شام جو پنجين وڳي اسپتال ۾ علاج بعد رکشي ۾ ويهاري گهر وڃڻ لاءِ موڪليو ڇو ته منهنجي موٽر سائيڪل خراب ٿي وئي هئي پر هوءَ اڄ تائين گهر نه پهتي آهي هن ٻڌايو ته مون پنهنجي سڀني مٽن مائٽن، اسپتالن ۽ پاڙي ۾ به ڳولا ڪئي پر زال جي ڪا به معلومات نه ملي سگهي۔ هن پوليس ۽ انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته منهنجي زال کي فوري طور ڳولي بازياب ڪرايو وڃي ڇو ته ٽن معصوم ٻار پنهنجي ماءُ جي ياد ۾ روئي روئي بيمار ٿي پيا آهن هوڏانهن پوليس ذريعن موجب ڪيس داخل ٿيڻ بعد شاهه لطيف ٿاڻي جي ٽيم تحقيقات شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ مختلف علائقن ۾ ڳولا ۽ جاچ جو عمل جاري آهي۔ علائقي واسين به انتظاميا کان مطالبو ڪيو آهي ته نيبله ابڙو جي بازيابي لاءِ خاص ٽيم ٺاهي فوري قدم کنيا وڃن ته جيئن معصوم ٻارن کي پنهنجي ماءُ جو پتو پئجي سگهي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
رزاق آباد مان ٽن ٻارن
جمشيد ابڙو
0 تبصرے