English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ۾ وٽرنري ڊاڪٽرن ۽ ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي
views
|
12th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
گذريل رات گهوڙاٻاري جي وٽرنري ڪئمپ تان واپسي تي ٻن وٽرنري ڊاڪٽرن کان ڦرلٽ ڪئي وئي: مظاهرين
ٺٽو(ڊر) چوپائي مال جو علاج ڪندڙ وٽرنري ڊاڪٽر ۽ لائيو اسٽاڪ کاتي جا ملازم کانئن ٿيندڙ مسلسل ڦُر جي وارداتن خلاف سراپا احتجاج بڻجي ويا، مڪلي تي وٽنري کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ٺٽو جي آفيس کان مڪلي تائين ھڪ احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪري ڊاڪٽرن سميت عملي کي تحفظ ڏيارڻ جو مطالبو ڪيو ويو، گذريل رات گهوڙاٻاري جي وٽرنري ڪئمپ تان واپس موٽندي پيرپٺو ويجهو هٿياربندن هٿان يرغمال بڻائي ٻن وٽرنري ڊاڪٽرن ڊاڪٽر نيل ڪنت ۽ ڊاڪٽر شعيب لُنڍ کان موٽر سائيڪل موبائيل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪرڻ واري واقعي خلاف مخدوم وٽرنري ايسوسئيشن ٺٽو ۽ پيراويٽ ٺٽو جي سڏ تي گڏيل طور تي ڊاڪٽرن ۽ ملازمن پاران ھڪ احتجاجي ريلي مڪلي ڪڍي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪندي وٽرنري ڊاڪٽرن ۽ پيراويٽ عملي جي اڳواڻن ڊاڪٽر منظور گرماڻي، غلام مهدي ويسر، ڊاڪٽر غلام مصطفي پليجو، ڊاڪٽر سُمير سهتو، اياز علي سومرو، اعجاز عباسي، لطيف گوپانگ ۽ ٻين چيو ته وٽرنري ڊاڪٽرن ۽ عملي کان ڦر جي هيء ٽئين واردات آھي، ان کان اڳ ٻن ڌار ڌار وارداتن ۾ سندن عملي کان ڦر جون وارداتون ڪيون ويون آھن، پر پوليس ڪابه ڪارروائي ناهي ڪئي، هنن چيو ته گهوڙاٻاري بند تي قائم وٽرنري کاتي جي فلڊ رليف ڪئمپ مان چوپائي مال جو علاج ڪري واپس ٿيندڙ سندن ٻن ڊاڪٽرن ڊاڪٽر نيل ڪنت ۽ ڊاڪٽر شعيب لُنڍ کان هٿياربندن هٿيارن جي زور تي کانئن سندن موٽر سائيڪل، روڪ رقم ۽ موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا، پر پوليس اڃا تائين ڪوبه ٻوٽو نه ٻاريو آھي. هنن چيو ته سندن ڊاڪٽر ۽ عملو رات ڏينهن ٻوڏ توڙي برسات جي ايمرجنسي ۾ فيلڊ ۾ مختلف رليف ڪئمپن تي ڊيوٽي ڏيندڙ آھي، هنن واقعن کانپوء اسان عدم تحفظ جو شڪار ٿي ويا آھيون، ھنن گھر ڪئي تہ فوري طور تي اعلي اختياريون نوٽيس وٺي ڦر ٿيل سامان واپس ڪرائي وٽرنري عملي کي تحفظ مھيا ڪري انھن کي رسڪ الائونس جاري ڪيو وڃي. ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو سڄي سنڌ تائين وڌايو ويندو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٺٽو
وٽرنري ڊاڪٽر ۽ لائيو اسٽاڪ کاتي
0 تبصرے