English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ۾ وٽرنري ڊاڪٽرن ۽ ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي
178 views
|
12th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
گذريل رات گهوڙاٻاري جي وٽرنري ڪئمپ تان واپسي تي ٻن وٽرنري ڊاڪٽرن کان ڦرلٽ ڪئي وئي: مظاهرين
ٺٽو(ڊر) چوپائي مال جو علاج ڪندڙ وٽرنري ڊاڪٽر ۽ لائيو اسٽاڪ کاتي جا ملازم کانئن ٿيندڙ مسلسل ڦُر جي وارداتن خلاف سراپا احتجاج بڻجي ويا، مڪلي تي وٽنري کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ٺٽو جي آفيس کان مڪلي تائين ھڪ احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪري ڊاڪٽرن سميت عملي کي تحفظ ڏيارڻ جو مطالبو ڪيو ويو، گذريل رات گهوڙاٻاري جي وٽرنري ڪئمپ تان واپس موٽندي پيرپٺو ويجهو هٿياربندن هٿان يرغمال بڻائي ٻن وٽرنري ڊاڪٽرن ڊاڪٽر نيل ڪنت ۽ ڊاڪٽر شعيب لُنڍ کان موٽر سائيڪل موبائيل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪرڻ واري واقعي خلاف مخدوم وٽرنري ايسوسئيشن ٺٽو ۽ پيراويٽ ٺٽو جي سڏ تي گڏيل طور تي ڊاڪٽرن ۽ ملازمن پاران ھڪ احتجاجي ريلي مڪلي ڪڍي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪندي وٽرنري ڊاڪٽرن ۽ پيراويٽ عملي جي اڳواڻن ڊاڪٽر منظور گرماڻي، غلام مهدي ويسر، ڊاڪٽر غلام مصطفي پليجو، ڊاڪٽر سُمير سهتو، اياز علي سومرو، اعجاز عباسي، لطيف گوپانگ ۽ ٻين چيو ته وٽرنري ڊاڪٽرن ۽ عملي کان ڦر جي هيء ٽئين واردات آھي، ان کان اڳ ٻن ڌار ڌار وارداتن ۾ سندن عملي کان ڦر جون وارداتون ڪيون ويون آھن، پر پوليس ڪابه ڪارروائي ناهي ڪئي، هنن چيو ته گهوڙاٻاري بند تي قائم وٽرنري کاتي جي فلڊ رليف ڪئمپ مان چوپائي مال جو علاج ڪري واپس ٿيندڙ سندن ٻن ڊاڪٽرن ڊاڪٽر نيل ڪنت ۽ ڊاڪٽر شعيب لُنڍ کان هٿياربندن هٿيارن جي زور تي کانئن سندن موٽر سائيڪل، روڪ رقم ۽ موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا، پر پوليس اڃا تائين ڪوبه ٻوٽو نه ٻاريو آھي. هنن چيو ته سندن ڊاڪٽر ۽ عملو رات ڏينهن ٻوڏ توڙي برسات جي ايمرجنسي ۾ فيلڊ ۾ مختلف رليف ڪئمپن تي ڊيوٽي ڏيندڙ آھي، هنن واقعن کانپوء اسان عدم تحفظ جو شڪار ٿي ويا آھيون، ھنن گھر ڪئي تہ فوري طور تي اعلي اختياريون نوٽيس وٺي ڦر ٿيل سامان واپس ڪرائي وٽرنري عملي کي تحفظ مھيا ڪري انھن کي رسڪ الائونس جاري ڪيو وڃي. ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو سڄي سنڌ تائين وڌايو ويندو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th May 2026
•
تازہ ترین
پی ٹی آئی بانی پر تشدد کے باعث اُن کی ایک آنکھ ضائع ہو گئی؟
14th May 2026
•
تازہ ترین
امریکا نے چوری شدہ قدیم مجسمے اور نوادرات پاکستان کے حوالے کر دیے
14th May 2026
•
سندھ
لاہور سے کراچی تک منشیات اسمگلنگ، پنکی نے بسوں اور موبائل ایپس کے ذریعے کروڑوں کی لین دین کے راز افشا کر دیے
14th May 2026
•
سندھ
”اسپیکر سے اختلافات اور پارٹی میں دھڑے بندی کا تاثر غلط ہے“ نثار کھوڑو نے جیالوں کو سوشل میڈیا پر بیان بازی سے روک دیا
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي ۾ ڪاروڪاري ۽ حراسمينٽ واقعن توڙي جرڳا سسٽم خلاف ريلي ڪڍي وئي
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
شهدادپور ڀرسان ڳوٺ کٻڙ کاهو واسين جو پي پي ايل انتظاميه ۽ بااثرن خلاف ڌرڻو
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
28 آئيني ترميم ذريعي تڪراري ڪينالن جي نئين سر تعمير، سنڌ جي وحدت، پاڻي، وسيلن ۽ صوبائي خودمختياري تي حملو ٿيو تہ نتيجو خراب نڪرندو: اياز لطيف پليجو
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
مورو ۾ پرائمري استاد جو ناٺي خلاف احتجاجي مظاهرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽو
وٽرنري ڊاڪٽر ۽ لائيو اسٽاڪ کاتي
0 تبصرے