English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
مورو ۾ بااثرن جو واپاري تي مبينا تشدد، زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل
24 views
|
12th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
مورو (رپورٽر) مورو شھر جي ميمڻ برادري جي معزز ۽ ڪاروباري شخصيت سيٺ ارشد علي ميمڻ بولاڻي ميڊيا کي ٻڌايو ته مين روڊ مورو ۾ سندس جو ھارڊويئر جو پراڻو دوڪان آھي, جتي ڪجھ ڏينهن پھريان بنا ڪنهن سبب جي مين روڊ جي دوڪاندارن دانيال راجپوت, احمد رضا راجپوت, بلال راجپوت ۽ سندن ملازم عقيب قريشي ڏنڊا, سريا, سرون ۽ لوھي راڊون کڻي منهنجي دوڪان تي آيا مون تي, منهنجي پٽ حسين ۽ ملازم عاشق علي سابقي تي قاتلاڻو حملو ڪيو, جنهن ڪري اسان کي ڪافي ڌڪ لڳا, جنهن کانپو۽ مان پنهنجي پٽ کي مورو ٿاڻي تت NC داخل ڪرائڻ لاءِ موڪليو, جڏهن ته مان پويان دوڪان تي اڪيلو ويٺو ھئس ته ساڳين ماڻهن مون تي وري ٻيو دفعو قاتلاڻو حملو ڪري لوھي سرا ۽ لوھي راڊون ھڻي مون کا شديد زخمي ڪري ڇڏيو۔حملي جو ٻڌڻ کانپو۽ سوين ماڻهو دوڪان تي پھچي ويا, جڏھن ته اتان جي مقامي دوڪاندارن مون کي بيھوشي جي حالت ۾ ٿاڻي تي کڻي آيا, جتي مون کي پنهنجي پٽ ٻڌايو ته مون سان انهن ساڳين ماڻھن پوليس جي سامھون مارڪٽ ڪئي آھي ۽ رڙين تي پوليس ڇڏايو آھي, ان کانپو۽ ٿاڻي تان ليٽر وٺي اتان علاج ڪرائڻ لاءِ تعلقه اسپتال مورو آياسين جتي فرسٽ ايڊ ڏيڻ کانپو۽ مون کي وڌيڪ علاج لاءِ نواب شاھ ريفر ڪيو ويو۔هن وڌيڪ چيو ته مان ھارٽ جو پيشنٽ آھيان ۽ حملي آور مون کي پنهنجي پر ۾ ماري چڪا هئا, رب پاڪ مون کي نئين زندگي ڏني آهي, جڏهن ته مورو شھر جا معزز ۽ چڱا فيصلي جي لا۽ چئي رھيا آھن, ڇا اھي قرآن شريف تي حق جو فيصلو ڪرائيندا! ڇا اهي اسان سان حق جو فيصلو ڪندا! ڇا مورو شھر ۾ شريف ۽ ڪاروباري ماڻھن کي رھڻ جو حق نه آھي!
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جا احتجاجي مظاهرا
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
مورو
0 تبصرے