مڪلي تي جرمن ڄائي ۽ انسان دوست ڊاڪٽر رٿ فائوء جو جنم ڏهاڙو ملهايو ويو

رت فائو جي سالگرهه جي سنڌ ڪلچرل فورم طرفان انڊس اسپتال ۾ وڻڪاري مهم هلائي وئي

مڪلي تي جرمن ڄائي ۽ انسان دوست ڊاڪٽر رٿ فائوء جو جنم ڏهاڙو ملهايو ويو

ٺٽو ( ڊر)جرمن ڄائي ۽ انسان دوست ڊاڪٽر رٿ فائوء، جنھن پاڪستان مان ڪوڙھ جهڙي موذي مرض جي خاتمي لاءِ پنهنجي سڄي حياتي وقف ڪئي، ان جي 96هين سالگره جي موقعي تي سنڌ ڪلچرل فورم طرفان مڪلي جي انڊس اسپتال ۾ شجرڪاري مهم جو اهتمام ڪيو ويو. ان موقعي تي پروفيسر امان الله جوکيو، سنڌ ڪلچرل فورم جي باني چيئرمين صادق لاکو، سينيئر وائيس چيئرمين محمد شريف جاکرو، اين سي ايڇ ڊي ٺٽي ضلعي جو ڊپٽي ڊائريڪٽر منير احمد ميمڻ، ڊاڪٽر شفيق احمد، ڊاڪٽر رباب، گسٽا اڳواڻ استاد خان محمد هيلايو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ڊاڪٽر رٿ فائوء ان وقت ڪوڙھ جي مريضن جو سهارو بڻي، جڏهن سندن پنهنجا ئي مائٽ اهڙن مريض کي ڇڏي ھليا ويندا هئا. مقررن موجب ڊاڪٽر رٿ فائوء پنهنجي جواني، خواب ۽ جرمن ڌرتيءَ سان محبت قربان ڪري پاڪستان ۾ انسانيت جي خدمت ڪئي ۽ ملڪ مان ڪوڙھ جي مرض جو مڪمل خاتمو آندو. انڊس اسپتال مڪليءَ جي ايڊمن آفيسر الطاف حسين لسڪاڻي چيو ته سنڌ ڪلچرل فورم جو هي عمل ساراهه جوڳو آهي، جن هڪ عظيم شخصيت جي ياد ۾ وڻ پوکي اهو احساس ڏياريو ته انسانيت جا خدمتگار سدائين دلين ۾ زندهه رهندا آهن.تقريب ۾ علمي، ادبي، سماجي ۽ سياسي شخصيتن ڊاڪٽر رٿ فائوء جي تصوير تي گل نڇاور ڪيا ۽ گڏجي وڻ پوکيا.