عمرڪوٽ (ڪانجي مل رکيسر)عمرڪوٽ ۾ به هفتي وحدت 12 ربيع الاول کان 17 ربيع الاول تائين حضرت محمد مصطفىٰ ﷺ ۽ امام جعفر صادق عليه السلام جي ولادت جي خوشي ۾ جشن منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ شيعا حيدر ڪرار ڀائيو حصو ورتو.رحمت اللعالمين حضرت محمد مصطفىٰ ﷺ جي ولادت جي مناسبت سان 17 ربيع الاول تي عظيم الشان جشن ملهائجي رهيو، جنهن ۾ عاشقان رسول ﷺ وڏي انگ سان شرڪت ڪئي. نعرايِ تکبير، نعرايِ رسالت ۽ حسنين جي نانا جي آمد مرحبا جي صدائن سان فضا گونجي ويئي.جشن امام بارگاه پنج پير، عزاخانه ابوطالب عليه السلام ۾ منعقد ٿيو، جتي مقامي نعت خوانن نعت رسول ﷺ پيش ڪيو، ۽ جشن ۾ ڪيڪ پڻ ڪٽو ويو.جشن کي ڊاڪٽر غلام نبي چانڊيو ۽ مولانا ارشاد علي عرفاني خطاب ڪيو. انهن چيو ته ربيع الاول جو مهينو عاشقانِ رسول ﷺ ۽ اهل بيت جي محبت ڪندڙن لاءِ خوشي ۽ مسرت جو پيغام آهي. هي مهينو دنيا ۽ آخرت جي ڪاميابين جو وسيلو آهي.انهن زور ڏنو ته اسين اسوه حسنہ ﷺ کي پنهنجي زندگيءَ جو عملي حصو بڻايون ته جيئن دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سگهون.آخر ۾ لنگر ورهايو ويو ۽ ملڪ، ملت جي سلامتي، امت مسلمه جي اتحاد ۽ ترقي لاءِ خاص دعائون ڪيون ويون.
0 تبصرے