ڪراچي: فاطما ڀٽو جون جونيئر ذوالفقار سان گڏ سياسي سرگرميون شروع، ايس يو پي اڳواڻ منير حيدر شاهه سان ملاقات

ڪراچي: 20 سيپٽمبر تي جونيئر ذوالفقار ۽ فاطما ڀٽو نئين پارٽي جي نالي جو اعلان ڪندا: ذريعا

ڪراچي: فاطما ڀٽو جون جونيئر ذوالفقار سان گڏ سياسي سرگرميون شروع، ايس يو پي اڳواڻ منير حيدر شاهه سان ملاقات

ڪراچي: مير مرتضي ڀٽو جي نياڻي فاطما ڀٽو پنهنجي ڀاءُ جونيئر ذوالفقار سان گڏ سياسي سرگرميون شروع ڪري ڇڏيون، ايس يو پي اڳواڻ منير حيدر شاھ 70 ڪلفٽن تي جونيئر ذوالفقار ۽ سندس ڀيڻ فاطما ڀٽو سان ملاقات ڪئي ملاقات دوران جونيئر ۽ فاطما پاران نئين سياسي پارٽي بابت ڳالهه ٻولھ ڪئي وئي ـ ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ ٻوڏ واري صورتحال ۽ تازو برساتن جي ڪري 20 سيپمٽبر تي مير مرتضيٰ ڀٽو جي ورسي جي مناسبت سان جلسو ڪرڻ يا نه ڪرڻ تي به غور ڪيو ويو ـ ذريعن جو چوڻ آهي مير مرتضي ڀٽو جي ورسي بابت ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ فيصلو ڪيو ويندو ته اھا وڏي پيماني تي ملھائجي يا سادگي سان ملھائجي ـ 20 سيپٽمبر تي جونيئر ذوالفقار ۽ فاطما ڀٽو پاران نئين پارٽي جي نالي جو اعلان ڪرڻ جو امڪان پڻ آھي۔