سنڌوءَ درياهه ۾ وڏي ٻوڏ سنڌ حڪومت جا احتياطي قدم

تحرير: اعجاز علي تيوڻو/ انفارميشن آفيسر نواب شاهه

سنڌوءَ درياهه ۾ وڏي ٻوڏ سنڌ حڪومت جا احتياطي قدم

پاڪستان جي اترين علائقن ۾ مون سون جي تيز برساتن سبب ازاد ڪشمير، خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ پنجاب ۾ ڪافي نقصان ٿيو آهي پر ان کان وڌيڪ ڀارت پاران ستلج، راوي، چناب ۽ جھلم سميت ٻين درياهن ۽ ندي نالن ۾ مسلسل آبي جارحيت تحت پاڻي ڇڏڻ سبب صوبي پنجاب مان ايندڙ ٻوڏ وهڪرا سنڌو درياهه ۾ داخل ٿيڻ سبب سنڌو درياهه ۾ پڻ وڏي ٻوڏ ظاھر ڪئي وئي آهي جنھن کي نظر ۾ رکندي سنڌ حڪومت پاران هنگامي بنيادن تي جامع حفاظتي قدم کنيا ويا آهن، جنھن جو مقصد سنڌو درياهه جي ڪچي ۾ رھندڙ ماڻهن ۽ انهن جي مال متاع کي مڪمل تحفظ فراهم ڪرڻ آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي خاص ھدايتن تي وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه پاران سنڌو درياهه ۾ ٻوڏ سبب صوبائي وزيرن کي فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويو آھي جيڪي پڻ روزاني جي بنياد تي سنڌو درياهه ۾ ٻوڏ سبب ريسڪيو ۽ ريليف وارن ڪمن جي خود نگراني ڪري رھيا آھن جڏھن ته بلاول ڀٽو زرداري ۽ خاتون اول آصفہ ڀٽو زرداري پڻ سنڌ جي ٻوڏ متاثرن علائقن جو دورو ڪري ريسڪيو ۽ ريليف واري ڪم جو جائزو وٺي رھيا آھن تہ جئين ڪچي ۾ رھندڙ عوام جي جان ء مال جي حفاظت کي يقيني بڻائي سگهجي سنڌ حڪومت جي بروقت ڪوششن ۽ ھدايتن کانپوءِ ضلعي انتظاميا، پوليس، ريسڪيو 1122 ۽ لاڳاپيل ادارا ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ چوبند آهن جڏھن ته آبپاشي کاتي پاران سنڌو درياهه جي حفاظتي بندن جي مضبوطي لاءِ ھر ممڪن قدم کنيا ويا آهن ۽ بندن جي 24 ڪلاڪ نگراني کي يقيني بڻايو پيو وڃي سنڌو درياهه ۾ ٻوڏ واري صورتحال جي پيش نظر ضلع انتظاميه پاران ريسڪيو ٽيمن جي مدد سان مقامي آبادي کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ جو عمل تيزي سان جاري آهي. ٻيڙين جي مدد سان عورتن، ٻارن ۽ پوڙهن سميت ماڻهن کي رليف ڪيمپن تائين منتقل ڪيو پيو وڃي، جڏهن⁠ تہ مال مويشي جي حفاظت لاءِ به خاص انتظام ڪيا ويا آهن. سنڌ حڪومت جي هدايتن تحت ضلعي انتظاميا پاران مختلف هنڌن تي عارضي ڪيمپس قائم ڪيا ويا آهن، جتي متاثر ماڻهن کي کاڌ خوراڪ، صاف پيئڻ جو پاڻي، عارضي رهائش ۽ بنيادي ضرورتون مهيا ڪيون پيون وڃن. صحت کاتي طرفان ميڊيڪل ڪيمپس پڻ قائم ڪيا ويا آهن، جتي هنگامي طبي امداد سان گڏ وبائي بيمارين کان بچاءُ لاءِ ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل عملي کي مقرر ڪيو ويو آهي. ان کان سواءِ لائيو اسٽاڪ کاتي پاران جانورن جي ويڪسينيشن مهم جاري آهي ته جيئن مال مويشي کي بيمارين کان بچائي سگهجي ۽ ڳوٺاڻن جي معيشت کي تحفظ ملي. سنڌ حڪومت طرفان عوام کي سختي سان هدايت ڪئي وئي آهي ته هو درياهه جي ڪناري ۽ خطرناڪ علائقن ڏانهن وڃڻ کان پاسو ڪن، انتظاميا سان مڪمل تعاون ڪن ۽ ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ ضلعي ڪنٽرول روم سان رابطو ڪن. سنڌو ۾ ٻوڏ سبب متاثر ٿيندڙ ماڻهن جي ريسڪيو ۽ ريليف وارن ڪمن جي ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر پڻ نگراني ڪري رهيا آهن سنڌ جي سينئير صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت جي پهرين ترجيح انساني جانن جي بچاءُ ۽ متاثر ماڻهن کي فوري سهولتن جي فراهمي آهي. ان سلسلي ۾ سڀ وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن ۽ ڪنهن به شهري کي اڪيلو نه ڇڏيو ويندو. سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پاران سنڌو درياهه ۾ ٻوڏ واري صورتحال جي پيش نظر پاڻي جي صورتحال ۽ ريسڪيو ۽ ريليف جي حوالي سان ميڊيا زريعي عوام تائين آگاهي پھچائڻ لاءِ پروانشل رين اينڊ فلڊ ايمرجنسي سينٽر قائم ڪيو ويو آھي جڏھن ته اطلاعات کاتي پاران آفيسرن کي پڻ فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويو آهي صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ پاران روزاني جي بنياد تي ميڊيا ذريعي سنڌ حڪومت پاران ٻوڏ متاثرن کي ريسڪيو ۽ ريليف ۽ پاڻي جي صورتحال بابت آگاهي فراهم ڪئي پئي وڃي سنڌ حڪومت جي صوبائي رين اينڊ فلڊ ايمرجنسي مانيٽرنگ سيل پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب سنڌو درياهه ۾ ٻوڏ سبب سکر، لاڙڪاڻو، شھيد بينظيرآباد ۽ حيدرآباد ڊويزن جا 15 ضلعا، 44 تعلقا، 167 يونين ڪاؤنسلون جا 1651 ڳوٺ متاثر ٿيا آھن جنھن جي ڪل آبادي 16 لک 38 ھزار 491 ماڻھو متاثر ٿيڻ جو خدشو ظاھر ڪيو ويو آھي جڏھن ته ٻوڏ سبب 26 لک 60 ھزار 669 پالتو جانور پڻ متاثر ٿيڻ جو امڪان ظاھر ڪيو ويو آھي سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب ھن وقت تائين ٻوڏ متاثر علائقن جي 1 لک 46 ھزار 492 ماڻھن ۽ 4لک کان وڌيڪ جانورن کي ريسڪيو ڪيو ويو آھي سنڌ حڪومت جي ھدايتن تي مختلف ضلعن ۾ ٻوڏ متاثرين لاءِ 528 ريليف ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن جڏھن ته ماڻھن جي علاج لاءِ 163 فڪسڊ ۽ موبائل هيلٿ سينٽر ۽ ميڊيڪل ڪيمپون ۽ جانورن جئ علاج لاءِ 111 لائيو اسٽاڪ ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن صحت کاتي جي قائم ڪيل ميڊيڪل ڪيمپن ذريعي ھن وقت تائين 55 ھزار 336 ماڻھن کي علاج معالجي جون سھولتون فراھم ڪيون ويون آهن جڏھن ته متاثر ٿيندڙ علائقن جي متاثرين جي 10 لک 32 ھزار کان وڌيڪ جانورن کي مختلف بيمارين کان بچاءَ جي ويڪسين پڻ لڳائي وئي آهي صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ ٻوڏ متاثرين کي يقين ڏياريوآهي ته سنڌ حڪومت عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ هرممڪن قدم کڻي رهي آهي ۽ ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي.