English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور جي يونيورسٽي کي شاگردياڻي کي مبينا هراسان ڪرڻ بابت مختلف تنظيمن جي گڏجاڻي
209 views
|
10th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
شيخ اياز يونيورسٽي ۾ شاگردياڻي کي حراسان ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت، الزام هيٺ آيل ملازم خلاف ڪارروائي جو مطالبو
شڪارپور (احسان ابڙو )شيخ اياز يونيورسٽي شڪارپور ۾هڪ شاگردياڻيءَ سان يونيورسٽيءَ جي ملازم پاران مُبيّنا حراسمينٽ جي افسوسناڪ واقعي جي حوالي سان، جيئي سنڌ محاذ ضلعي شڪارپور پاران هڪ گڏجاڻي ڪوٺائي وئي. گڏجاڻيءَ ۾ جيئي سنڌ محاذ، جيئي سنڌ قومي محاذ، شڪارپور بچايو تحريڪ، جيئي سنڌ قومي محاذ (آريسر)، قومي عوامي تحريڪ، سنڌ يونائٽيڊ پارٽي، جماعت اسلامي، آپڪا، سنڌي ادبي سنگت، شڪارپور شاگرد فورم ۽ شڪارپور شعور جنون سميت مختلف سماجي تنظيمن، سياسي پارٽين ۽ شهر جي سِول سوسائٽي، استادن، شاگردن، وڪيلن سميت مختلف شعبن سان لاڳاپيل ڌرين ۽ فردن شرڪت ڪئي گڏجاڻيءَ ۾ يونيورسٽيءَ بابت گھڻ رُخي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، جنهن ۾ يونيورسٽيءَ جي قيام کان وٺي اڄ تائين، ٽيچنگ ۽ نان ٽيچنگ اسٽاف جي ريڪروٽمينٽ ۾ قانوني ڀڃڪڙين، يونيورسٽي جي ڪنسٽرڪشن فرم جي ٽينڊر ۾ بيقاعدگين، پِرڪيورمينٽ ۾ بدعنوانين، بجيٽ ۾ ڪرپشن، روزمره جي بدانتظامي، يونيورسٽي ۾ بنيادي سهولتن جي اڻ هُوند، ٽرانسپورٽيشن جي کوٽ، ايمپلائيز، آفيسرس ۽ ٽيچرس يونينز جون هٺ ڌرميون، انتظامي عهدن تي استادن جو براجمان ٿيڻ، چونڊيل نمائندن جي سياسي مداخلت ۽ سڀ کان وڌيڪ اهم ۽ حساس معاملي نياڻين سان هراسمينٽ سميت سمورن معاملن تي تفصيل سان بحث ڪيو ويو. مباحثي ۾ شريڪ ٿيندڙن چيو ته يونيورسٽي ۾ ملازمن ۽ استادن جو مخصوص ٽولو مافيا جي شڪل اختيار ڪري ويو آهي. يونيورسٽيءَ ۾ ٿيندڙ قانوني ڀڃڪڙين ۽ بيقاعدگين خلاف يونيورسٽين جي ايمپلائيز سميت ڪيترائي ماڻهو انصاف لاءِ عدالت ۾ ويا آهن، جن جا ڪيس مختلف ڪورٽن ۾ هلندڙ آهن شيخ اياز يونيورسٽيءَ ۾ تازو هڪ ملازم طارق ڦلپوٽي پاران يونيورسٽي جي شاگردياڻيءَ کي مُبّينا هراسمينٽ جي معاملي تي شڪارپور بچايو تحريڪ جي اڳواڻ محترم عبدالوهاب ڪاغذيءَ پاران رابطو ڪرڻ تي يونيورسٽي جي انتظاميا پاران ٻڌايو آهي ته اهڙو ڪو به واقعو انتظاميا جي علم ۾ ناهي ۽ نه ئي کين اهڙي ڪائي شڪايت موصول ٿي آهي. انتظاميا پاران آگاهه ڪيو ويو ته الزام هيٺ آيل ملازم کي نوڪريءَ ۾ برطرف ڪيو ويو آهي ۽ واقعي جي جاچ لاءِ ڪاميٽي پڻ جوڙي وئي آهي. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته انتظاميا بغير ڪنهن شڪايت جي پنهنجي ملازم کي ڪهڙي ڏوهه ۾ برطرف ڪيو آهي؟ انتظاميا موجب اگر ڪو واقعو ٿيو ئي ناهي ته پوءِ جاچ ڪاميٽي ڇا جي انڪوائري ڪرڻ لاءِ جوڙي وئي آهي؟ چيو وڃي ٿو ته ساڳي ملازم کي ماضيءَ ۾ نوڪريءَ مان فارغ ڪيو ويو هو. ڪنهن به جرم جي سزا طور نوڪريءَ ۾ برطرف ڪيل ملازم کي وري ٻيهر ڇو رکيو ويو؟ گڏجاڻيءَ ۾ اهو پڻ ٻڌايو ويو ته الزام هيٺ آيل ملازم فرار ٿي ويو آهي ۽ پوليس ملزم جي گھر تي ڇاپو هڻي سندس ڀاءُ کي گرفتار ڪيو آهي ماضيءَ ۾ شيخ اياز يونيورسٽيءَ جي معاملن جي حوالي سان ”شيخ اياز يونيورسٽي ايڪشن ڪاميٽي“ جو بنياد وڌو ويو هو. گڏجاڻيءَ ۾ ان ڪاميٽيءَ کي بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻ عمران منگيءَ جي سربراهيءَ ۾ عبدالسميع بلالي، عبدالستار ڪلادي، ڪامريڊ اسداللہ سومرو، ايڊووڪيٽ ايران شر، ايڊووڪيٽ مظهر مڱريو، ايڊووڪيٽ ظفر چنو، ايڊووڪيٽ يحييٰ ٻپڙ، زبير سومرو، عبدالوهاب ڪاغذي، عقيل جوکيو، فهيم اختر سومرو، فھد شھزاد سولنگي، ڀاڳچند وليچا، طاهر ڀُٽو، عمير عباس پھوڙ، صفدر امير پهوڙ، عبدالسميع ڀٽي، عبدالحق سهندڙو، سعيد ڀرچونڊ ۽ جاويد راهوجو ڪاميٽيءَ جا ميمبر چونڊيا ويا. ڪاميٽيءَ پاران يونيورسٽيءَ کان في الفور ٻه مطالبا ڪيا ويا، جيڪي يونيورسٽيءَ جي انتظاميا کان لکت ۾ گُـھرَ پڻ ڪيا ويندا: 1. يونيورسٽي پاران مُبّينا هراسمينٽ جي الزام هيٺ آيل ملازم جي برطرفيءَ جو آفيشل ليٽر جاري ڪيو وڃي، اگر جاري ڪيو ويو آهي ان جي ڪاپي ايڪشن ڪاميٽيءَ کي مهيا ڪئي وڃي. 2. يونيورسٽي پاران واقعي جي جاچَ لاءِ جوڙيل ڪاميٽيءَ طرفان ٿيندڙ انڪوائري تُرت مڪمل ڪري، اُن جي ڪاپي ايڪشن ڪاميٽيءَ کي مهيا ڪئي وڃي يونيورسٽيءَ پاران مٿي ڄاڻايل ٻئي دستاويز نه ڏيڻ، تاخير ڪرڻ يا غير اطميان بخش هجڻ جي صورت ۾ ايڪشن ڪاميٽي هن سنگين معاملي کي Protection Against Harassment of Women at Workplace Act, 2010 جي قانون موجب فيڊرل اومبَڊس مين، هائير ايجوڪيشن ڪميشن، هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان، سيڪريٽري - يونيورسٽيز اينڊ بورڊس ڊپارٽمينٽ -گورنمينٽ آف سنڌ، سنڌ هاءِ ڪورٽ سميت لاڳاپيل صوبائي ۽ وفاقي ادارن سان لهه وچڙ ۾ ايندي ۽ معاملي کي تمام وڏي پيماني تي ميڊيا تي آڻي، هڪ ڀرپور عوامي تحريڪ هلائيندي ۽ ان سان گڏوگڏ قانوني چاره جوئي به ڪندي. ايڪشن ڪاميٽي يونيورسٽي جي بدعنوانين، سميت ٻين معاملن بابت پنهنجي جدوجهد جاري رکندي، جنهن انتظاميا سان رسمي ۽ غير رسمي ملاقاتون، صوبائي توڙي وفاقي ادارن سان رابطاڪاري ۽ يونيورسٽيءَ جي شاگرن سان گڏجاڻين جون سرگرميون شامل آهن گڏجاڻيءَ ۾ سڀني شريڪ ٿيندڙن پُرعزم ٿيندي چيو ته هيءَ يونيورسٽي شڪارپور جي خوبصورت خواب جي ساڀيا آهي، جيڪا شهرين جي وڏي جدوجهد سان کان پوءِ وجود ۾ آئي آهي. ڪجهه ڌريون مافيائون بڻجي، هن يونيورسٽيءَ کي وڌڻ ويجهڻ ۽ اُسرڻ ۾ وڏي رڪاوٽ وجهي رهيون آهن، جنهن کي شڪارپور جا شهري هرگز ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اياز لطيف يونيورسٽي
شاگردياڻي کي حراسان
0 تبصرے