گھگھر ۾ پورهيت جو گهر برساتن ۾ ڊهي پٽ، سرندي وارن کي مدد لاءِ اپيل

برسات دوران گهر ڊهي پٽ پئجي ويو، سالي عارضي طور گهر ۾ پناهه ڏني آهي، مدد ڪئي وڃي: علي حيدر کوسو

گھگھر ۾ پورهيت جو گهر برساتن ۾ ڊهي پٽ، سرندي وارن کي مدد لاءِ اپيل

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ـبرساتن سبب گھگھر ۾ رهندڙ پورهيت علي حيدر کوسو جو گهر مڪمل طور ڊهي پٽ پئجي ويو جنهن کان پوءِ هو پنهنجي سڄي ڪٽنب سميت کليل آسمان هيٺ رهڻ تي مجبور آهي علي حيدر کوسي صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته هو گهر جو اڪيلو ڪمائڻ وارو آهي پر هو هن وقت هيپاٽائيٽس جي بيماري ۾ مبتلا آهي، جنهن سبب سڄي جسم ۾ سور ۽ ڪمزوري رهي ٿي. هن چيو ته اڳي هو ڏهاڙي تي مزدوري ڪري ٻچن جو گذر سفر ڪندو هو، پر هاڻي گهر به ختم ٿي ويو آهي ۽ پاڻ به بيروزگار ۽ بيمار ٿي ويو آهي.هن وڌيڪ ٻڌايو ته هاڻوڪي برساتن ۾ سندس سالي ۽ سنڍو عارضي طور پنهنجي گهر ۾ پناهه ڏني آهي، پر مستقل طور لاءِ سندس ڪٽنب بي سهارو آهي پورهيت علي حيدر کوسو سنڌ حڪومت ۽ سرندي وارن انسان دوستن کان اپيل ڪئي آهي ته سندس علاج ۽ گهر ٻيهر تعمير ڪرائڻ لاءِ مدد ڪئي وڃي ته جيئن سندس ڪٽنب در در جي ٺوڪرن کان بچي سگهي.