سيڪشن آفيسر سارنگ علي جي اڳواڻي ۾، وڏي وزير جي خاص مددگار جي آفيس جو دورو ڪيو
ڪراچي/عمرڪوٽ (ڪانجي مل رکيسر) سنڌ حڪومت جي ڪابينا سيڪشن جي ٽيم، سيڪشن آفيسر،سارنگ علي جي اڳواڻي ۾، سنڌ جي وزيراعليٰ جي خاص مددگار براءِ انساني حقن کاتي راجوير سنگھ سوڍو جي آفيس جو دورو ڪيو ۽ کين ڪابينا سان لاڳاپيل ڪارروائين جي ڊجيٽلائيزيشن لاءِ ٽيبليٽ (آئي پيڊ) حوالو ڪيو، هاڻي ڪم ڪندڙ پيپرز، سمريون، معزز وزيراعليٰ کي نوٽس ۽ ڪابينا اجلاس جا منٽس آئي پيڊ ۾ موجود خصوصي ايپليڪيشن وسيلي تيار ۽ منتقل ڪيا ويندا، ھن قدمن سان نه رڳو ڪم جي شفافيت وڌندي پر ڪابينا سان لاڳاپيل سموري ڪارروائي جديد طريقيڪار سان ڊجيٽل بڻجي سگهندي.
0 تبصرے