ابراهيم حيدري ۾ اهڙا ڪيترائي واقعا اڳ به ٿيا آهن، پر ڪنهن به ذميوار شخص اسان جي سار نه لڌي: فاطمه مجيد
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي جي چيئرپرسن فاطمه مجيد، وائيس چيئرمين سليم ديدڪ ۽ فشريز ڊائريڪٽرن سان گڏ اڄ کڏي ڪريڪ وٽ ٻڏي فوت ٿيندڙ مهاڻي سومار جي تڏي ابراهيم حيدري پهتي جتي هن فوتي مهاڻي جي پوئينرن ۽ پٽ سان ملاقات ڪري تعزيت ڪئي ۽ فوتي جي گهگهر ڀاتين جي مالي مدد ڪئي ان موقعي تي متاثر مهاڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ابراهيم حيدري ۾ اهڙا ڪيترائي واقعا اڳ به ٿيا آهن، پر ڪنهن به ذميوار شخص ڪڏهن به اسان جي سار نه لڌي. سندن چوڻ هو ته فشريز جي مقامي قيادت جي اچڻ سان پهريون ڀيرو اسان کي پنهنجائپ ۽ مالڪي جو احساس ٿيو آهي.ان موقعي تي پاڪستان فشر فوڪ فورم ڪراچي ڊويزن صدر مجيد موٽاڻي، يوسف ڪڏاڻي سميت ٻيا نمائندا به موجود هئا، جن فوتي جي وارثن سان همدردي جو اظهار ڪيو.
0 تبصرے