English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ به تيز برسات سبب نديون ۽ نالا اوور فلو، هڪ ڄڻو ندي ۾ ٻڏي فوت
views
|
09th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
اطلاع تي ڊپٽي ميئر ڪراچي سلمان مراد ۽ ڊپٽي ڪمشنر ملير سليم الله اوڍو ملير ندي تي پهچي ويا
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) لاڳيتي ۽ تيز برساتن سبب ملير سميت شهر ڀرسان وهندڙ نديون ۽ نالا اوور فلو ٿي ويا آهن، جنهن ڪري ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻي جي وهڪري سان جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي. برساتي پاڻي جي گهڻي مقدار سبب لنڪ روڊ به بند ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪيترن ئي ڳوٺن جا هڪٻئي سان رابطا منقطع ٿي ويا آهن.قائدآباد ڀرسان يار محمد ڳوٺ وٽ ندي ۾ ٻه شهري ڪري پيا، جن مان هڪ کي ريسڪيو ٽيمون بروقت ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي ويون، جڏهنتہ ٻيو شهري درياهه ۾ ٻڏي ويو. اطلاع ملڻ تي ڊپٽي ميئر ڪراچي سلمان مراد ۽ ڊپٽي ڪمشنر ملير سليم الله اوڍو حادثي واري هنڌ پهچي ڳولا جي نگراني ڪئي. ڊپٽي ڪمشنر موجب هڪ جو لاش هٿ اچي ويو آهي، جڏهنتہ ٻئي لاءِ ڳولا جو عمل جاري آهي.ڳوٺاڻن ۽ مقامي رهواسين جو چوڻ آهي ته برساتي نالن ۽ ندين ۾ پاڻي ڀرجي وڃڻ ڪري ڪيترن ئي ڳوٺن جو هڪٻئي سان رابطو ختم ٿي ويو آهي، جنهن سبب علائقي ۾ سخت پريشاني ۽ ڏکيايون وڌي ويون آهن. انهن انتظاميا تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته ملير جي ٽنهي ٽائونن جي مقامي انتظاميا مڪمل طور غائب آهي، جڏهنتہ صورتحال هنگامي نوعيت اختيار ڪري چڪي آهي.رهواسين وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ صوبائي انتظاميا کي اپيل ڪئي آهي ته هو هنگامي بنيادن تي ڳوٺاڻن جي مدد لاءِ قدم کڻن ۽ ريسڪيو آپريشن ۾ وڌيڪ ٽيمون مقرر ڪن، ته جيئن وڌيڪ جاني نقصان کان بچي سگهجي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير
ملير ۾ به تيز
ملير ندي
0 تبصرے