ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو منور عباس سومرو پاران شهر جي مختلف علائقن جو دورو

ان موقعي تي چيف ميونسپل آفيسر ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار به ڊي سي سان گڏ هئا

ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو منور عباس سومرو پاران شهر جي مختلف علائقن جو دورو

ٺٽو(شفيق ڀٽي)ڊپٽي ڪمشنر منور عباس سومرو چيف ميونسپل آفيسر ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن سان گڏ ٺٽي شهر جي مختلف علائقن جو دورو ڪري تازين برساتن دوران برساتي پاڻي جي نيڪال جي انتظامن ۽ لاڳاپيل عملدارن سميت عملي جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو - ڊپٽي ڪمشنر ھيٺائين وارن علائقن ۾ برسات جي بيٺل پاڻيءَ جي صورتحال جو معائنو ڪيو ۽ لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته پاڻيءَ جي نيڪال واري عمل کي تيز ڪيو وڃي ۽ ڪنهن به علائقي ۾ پاڻي جمع ٿيڻ نه ڏنو وڃي . هن چيو ته شهرين کي گھربل بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ اولين ترجيح آهي ۽ ان مقصد لاءِ سمورا موجود وسيلا استعمال ڪيا وڃن . دوري دوران هن مختلف ڊسپوزلز ، ڊرينيج نالن ، پمپنگ اسٽيشنن ، فيلڊ ٽيمز جي موجودگي ۽ صفائيءَ سٿرائيءَ جو جائزو ورتو ۽ لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته سمورن ڊسپوزلن جي صفائيءَ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ڪنهن به مشين جي خراب ٿيڻ جي صورت ۾ فوري طور متبادل بندوبست ڪيو وڃي ته جيئن ماڻهن کي پريشانيءَ کان بچائي سگهجي . ڊپٽي ڪمشنر عوام کي اپيل ڪئي ته برسات دوران غير ضروري طور گهرن کان ٻاهر نه نڪرن ۽ صفائيءَ جي عمل ۾ انتظاميه سان سهڪار ڪن . هن يقين ڏياريو ته ضلعي انتظاميه هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي ته جيئن معمولات زندگي جلد کان جلد بحال ڪري سگهجي .