ڊپٽي ڪمشنر نوشهرو فيروز محمد ارسلان سليم پاران سنڌو درياءَ جو دورو

درياهه ۾ ٻوڏ جو پاڻي داخل ٿيڻ جو خطرو آهي، ماڻهن کي محفوظ هنڌن لاءِ نڪرڻو پوندو: محمد ارسلان سليم

ڊپٽي ڪمشنر نوشهرو فيروز محمد ارسلان سليم پاران سنڌو درياءَ جو دورو

نوشهرو فيروز (ڊ ر) ڊپٽي ڪمشنر نوشهرو فيروز محمد ارسلان سليم اڄ متوقع ٻوڏ کي نظر ۾ رکندي انتظامن جي سلسلي ۾ سنڌو درياهه جي ڪوڙي جا ڀاڻ واري هنڌ تي سنڌو درياهه جو دورو ڪيو. هن اسسٽنٽ ڪمشنر نوشهرو فيروز علي شان ملڪ، مختيارڪار وزير احمد بيھڻ ۽ ريسڪيو 1122 جي عملي سان گڏ، سنڌو درياهه جي ڪچي واري علائقي ۾ موجود ماڻهن ۽ چوپائي مال کي محفوظ هنڌ تي منتقل ڪرڻ جي حوالي سان علائقي جي ماڻهن سان ملاقات ڪئي. هن چيو ته درياهه ۾ وڌيڪ ٻوڏ جو پاڻي داخل ٿيڻ جو خطرو آهي، تنهن ڪري هن اتي موجود ماڻهن کي چيو ته اهي پنهنجن چوپائي مال سان گڏ سنڌ حڪومت پاران قائم ڪيل امدادي ڪئمپن ۾ منتقل ٿين. هن چيو ته ٻوڏ جو پاڻي گهٽجڻ کان پوءِ، اهي ٻيهر هتي منتقل ٿي سگهن ٿا. هن چيو ته سنڌ حڪومت ۽ سنڌ جي وڏي وزير جون خاص هدايتون آهن ته درياهه ۾ وڌيڪ ٻوڏ جو پاڻي اچڻ جو خطرو آهي، تنهن ڪري اهي فوري طور تي ڪچي جي علائقي مان ڪنهن محفوظ جاءِ تي قائم ڪيل رليف ڪئمپن ۾ منتقل ٿين جتي انهن جي رهڻ لاءِ جاءِ، علاج لاءِ طبي ڪئمپ ۽ انهن جي جانورن لاءِ ويٽرنري ميڊيڪل ڪئمپ هجي. ڊپٽي ڪمشنر لاڳاپيل تپيدار کي هدايت ڪئي ته انهن ماڻهن جي فوري منتقلي لاءِ هڪ ٻيڙي موڪلي وڃي، جڏهن ته مقامي ماڻهن اهو به واعدو ڪيو ته اهي ڪچي کان پڪي منتقل ٿيندا.