عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم پي اي سيد امير علي شاهه برساتي صورتحال ۽ عوامي شڪايتن تي عمرڪوٽ شهر جو دورو ڪيو، جتي هن شھر جي مختلف علائقن ۾ بيٺل پاڻي جو جائزو ورتو ۽ مين ڊسپوزل جو معائنو ڪري فوري صفائي ڪرائي، ان موقعي تي هن زيرو پوائنٽ تي مين گٽر نالي ۽ موريون کولرائي عوام کي آساني فراهم ڪرائي، ايم پي اي سان گڏ ضلعي اڳواڻ برهان الدين ڪنڀر، اويس سميجو، تاج خاصخيلي ۽ رياض کوسو پڻ موجود هئا، دوري دوران ايم پي اي سيد امير علي شاھ چيو ته عوام کي سهولتن جي فراهمي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا ويندا ۽ ضلعي انتظاميا کي به هدايت ڪئي ته برساتي پاڻي جي نيڪال ۾ ڪوتاهي نه ڪئي وڃي، بعد ۾ سيد امير علي شاهه ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال عمرڪوٽ جو دورو ڪيو، جتي هن ڳوٺ ڀڏيلي محمد علي ناگوري ۾ آسماني بجلي لڳڻ سبب زخمي ٿيل ماڻهن جي عيادت ڪئي، هن زخمين سان ملاقات ڪندي کين حوصلو ڏنو ۽ ايم ايس سميت ڊاڪٽرن کي سختي سان هدايت ڪئي ته زخمين کي ڀرپور ۽ بهترين طبي سهولتون مهيا ڪيون وڃن، ايم پي اي سيد امير علي شاھ واضع ڪيو ته سنڌ حڪومت متاثرن جي علاج ۽ بحالي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي ۽ ڪنهن به قسم جي لاپرواهي برداشت نه ڪئي ويندي، ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر رجب علي سٺيو، پ پ پ اڳواڻ برهان الدين ڪنڀر ۽ ٻيا ڪارڪن پڻ ساڻس گڏ هئا
0 تبصرے