ناري جي وارثن جي احتجاج بعد پوليس ڊاڪٽر امبر عباسي جي سيکڙاٽ سئوٽ کي گرفتار ڪري ورتو
نوشھروفيروز (ڊ ر) سول اسپتال نوشھروفيروز ۾ ڊاڪٽر ياڻي امبر عباسي جي لاپرواھي جي ڪري ويم دوران 25 سالامسمات سفيا سولنگي زال فاروق سولنگي فوت وارثن پاران ڊاڪٽرياڻي خلاف اسپتال نوشھروفيروز جي وارڊ اڳيان لاش رکي احتجاج ڪيو احتجاج دوران پرائيويٽ طور ڪم ڪندڙ ڊاڪٽرياڻي جي سوٽ کي پوليس گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو وارثن پاران ڊاڪٽرياڻي ۽ ٻئي ملوث عملي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو .ان موقعي تي فوت ٿي ويل سفيا سولنگي جي مڙس فاروق سولنگي ميڊيا اڳيان دانھيندي چيو ته ڊاڪٽرياڻي جي لاپرواھي ھجڻ ڪري بغير اوٽي جي سيکڙاٽ عملي پاران ڊليوري دوران سندس پٽ جي جنم ٿيڻ بعد عورت جي ٽريٽمينٽ نہ ٿيڻ رت جي کوٽ ھجڻ ۽ بلڊجو نہ بيھڻ ڪري عورت فوت ٿي وئي وارثن ٻڌايو تہ ڊاڪٽرياڻي جو بروقت موجود نہ ھجڻ ڪري اھيو واقعو پيش آيو آهي اڪثر ڊاڪٽرياڻي پرائيوٽ سينٽر تي کڻي اچڻ جو چيو تہ سول اسپتال ۾ ڪي بہ سھولتون نہ آھن فوتي عورت جي وارثن جو چوڻ ھيو تہ ڊاڪٽر امبر عباسي ڊاڪٽر . ڊاڪٽر شميم ۽ ٻئي عملي تي ڪيس داخل ڪري انصاف ڏياريو وڃي وارث عورت جو لاش سول اسپتال نوشھروفيروز ۾ رکي ڪيس داخل نہ ٿيڻ تائين لاش نہ کنيو ويندو .ان موقعي تي اي ايم ايس ڊاڪٽر بدر ميڊيا سان ڳالڦائيندي چيو ته عورت ٻي اسپتال مان کڻائي آئيا اسان ھنن کي ٻڌايو بلڊ اچي رھيو آ بلڊ جي ڪوشش ڪيو يان نواب شاه کڻائي وڃو ھنن بلڊ جي ھڪ بوتل آندي ٻيو ارينج نه جيو ان جي جري عورت فڳت ٿي ڊاڪٽرياڻي جو ڪو به ڏو ھ نه آھي
0 تبصرے