English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽو پوليس جون ڪارروائيون، 3ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
views
|
03rd Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو (ڊ ر) ٺٽو پوليس ٻن الڳ الڳ ڪامياب ڪاررواين دوران موٽرسائيڪل چوري ۾ ملوث مرڪزي جوابدار ۽ روڊ رابري ۽ گاڏين جي ڦرون ۾ ملوث ٻن ايڪٽو ڏوھارين کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته چوري ۽ ڦر ڪيل موٽرسائيڪل، سوزوڪي پڪ اپ ۽ رقم به هٿ ڪري ورتي آهي۔تفصيل موجب 2 سيپٽمبر 2025ع جي شام گھارو لڳ ڪي ڊي نالي لنڪ روڊ تان عبدالعزيز ميربحر جي هونڊا CD-70 نمبر KGQ-2412 موٽرسائيڪل چوري ٿي هئي، جنهن جو مقدمو نمبر 189/2025 ٿاڻي گھارو تي داخل ٿيو هو۔ ايس ايس پي ٺٽو فاروق احمد بجاراڻي جي حڪمن تي ايس ايڇ او محمد علي ڌامراھ عملي سميت ڪارروائي ڪندي گھارو گولائي لڳ مرڪزي جوابدار عبدالرزاق ولد خيرو لاشاري کي گرفتار ڪيو، جنهن وٽان چوري ٿيل موٽرسائيڪل هٿ آئي۔ جوابدار ابتدائي جاچ ۾ گھارو، ڌابيجي ۽ ساڪري ۾ ٻين وارداتن ۾ ملوث ھجڻ جو به اعتراف ڪيو آهي۔ٻئي پاسي 31 جولاءِ ۽ 30 آگسٽ 2025 تي جهرڪ ٿاڻي جي حدن ۾ ڏاڏوري ۽ جھمپير لنڪ روڊ تي هٿياربندن سوزوڪي پڪ اپ، رقم ۽ موبائل فونز ڦر ڪيا هئا، جن جا مقدما 58/2025 ۽ 68/2025 داخل ٿيا هئا۔ ايس ايڇ او ڪينجهر زاھد حسين شيخ ۽ ايس ايڇ او جهرڪ بهادر خان جمالی عملي سان گڏجي ڪارروائي ڪندي ماڇي گولائي لڳ ٻن ايڪٽو ڏوھارين جمیل عرف راجا عرف 2D ولد عالي شورو ۽ عاشق علي ولد جاڙو ملاح کي گرفتار ڪري ورتو۔پوليس مطابق جوابدارن جي نشاندهي تي مدعي نصير احمد رئيس کان ڦريل سوزوڪي پڪ اپ نمبر LB-6209 ۽ غلام مرتضيٰ کٽري کان ڦريل رقم مان 15 هزار رپيا به هٿ ڪيا ويا آهن۔ جاچ دوران جوابدارن ڪيترين ئي وارداتن جو اعتراف ڪيو آهي، جڏهن ته سندن ڪرمنل رڪارڊ به طلب ڪيو ويو آهي۔ ساڳئي ڪيسن ۾ ٻيا ڀاڱي ڀائيوارا اللہ بچايو ملاح ۽ محمد علي عرف ٻالڪ ملاح اڃا تائين فرار آهن، جن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا جاري آهن۔پوليس موجب جوابدارن خلاف وڌيڪ ريڪوري لاءِ ريمانڊ حاصل ڪيو ويو آهي ۽ جاچ جاري آهي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Oct 2025
•
شوبز
عریاں مواد کا الزام: ریئلٹی شو "لازوال عشق" کے خلاف عدالت میں درخواست دائر
19th Oct 2025
•
کھیل
ٹیسٹ چیمپئن کے خلاف سیریز جیتنے کا بہترین موقع ہے: اظہر محمود
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
گندم پالیسی منظور، قیمت 3500 روپے فی من مقرر
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
جنگ بندی معاہدہ خوش آئند، افغان سرزمین سے دہشتگردی کی روک تھام کے لیے اقدامات ضروری ہیں: اسحاق ڈار
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
فوجي فرٽيلائزر ڪمپني (ايف ايف سي) پورٽ قاسم طرفان سونا فٽبال ڪپ منعقد
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي ٺٽو پاران مقامي نوجوانن کي روزگار ۾ اوليت ڏيڻ جي هدايت
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز: قومي شاهراهه تي خوفناڪ حادثو، 8 ڄڻا زخمي
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: سي آءِ اي پوليس پاران ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٺٽو
ٺٽو پوليس
0 تبصرے