ملير: ڌرتي ڌڻين جو تعليمي حق جي عنوان هيٺ تعليم، سنڌي ٻولي ۽ شعور تي علمي، تحيقيق ۽ ادبي سيمينار

سنڌ ۾ تعليم جي خراب حالت جي سببن مان هڪ مادري ٻوليءَ ۾ تعليم جي حق کان محرومي آهي: مقرر

ملير: ڌرتي ڌڻين جو تعليمي حق جي عنوان هيٺ تعليم، سنڌي ٻولي ۽ شعور تي علمي، تحيقيق ۽ ادبي  سيمينار

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌ سماجي سٿ ۽ زيبسٽ جي گڏيل انتظام هيٺ "ڌرتي ڌڻين جو تعليم حق" جي عنوان سان هڪ سيمينار زيبسٽ هال ۾ ٿيو، جنهن ۾ علمي، ادبي، سماجي ۽ سياسي حلقن جي نمائندن سان گڏ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي تقريب ۾ تعليم جي اهميت، سنڌي ٻوليءَ جي ڪارج، ۽ جديد دور ۾ علمي ۽ فڪري سوالن تي پينل گفتگو ٿي. سيمينار ۾ عالمن، اديبن، دانشورن، صحافين، شاگردياڻين ۽ سياسي اڳواڻن خطاب ڪيو راءِ ڏني ان موقعي تي تعليم ۽ سنڌي ٻوليءَ جي اهميت تي بحث پينل جي ڳالهه ٻولهه ۾ زينب عثمان لاشاري، شهربانو ڪاڪا ، ايڊوڪيٽ شازيا نظاماڻي، اعجاز قريشي ۽ طارق رحيم سومرو حصو ورتو ۽ چيو ته سنڌ ۾ تعليم جي خراب حالت جي سببن مان هڪ مادري ٻوليءَ ۾ تعليم جي حق کان محرومي آهي. پاڪستان جي آئين ۾ هر ٻار کي مادري ٻوليءَ ۾ تعليم ڏيڻ جو حق ڏنل آهي، پر بدقسمتي سان حڪومتي ادارا ان تي عملدرآمد ڪرائڻ ۾ ناڪام رهيا آهن.شازيا نظاماڻي زور ڏنو ته جيڪڏهن تعليم ٻار جي مادري ٻوليءَ ۾ ڏني وڃي ته ان جا نتيجا وڌيڪ مثبت ٿيندا، جڏهن ته شهربانو ڪاڪا ۽ زينب لاشاري سنڌي ٻوليءَ جي تحفظ ۽ اهميت بابت تفصيلي خيالن جو اظهار ڪيو تقريب م ماهيگير اڳواڻ ليکڪ ايوب شان خاصخيلي جي ڪتاب "ماهيگير ۽ سوشل موومينٽ" جي پڌرائي ڪئي وئي. ان موقعي تي سامي ميمڻ ۽ ايوب سان گڏجي ڪتاب تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ وضاحت ڪئي ته ڪهڙي ريت هي ڪتاب سنڌي سماج ۾ ماهيگيرن جي جدوجهد، سماجيڀ تحريڪن ۽ عوامي مسئلن کي اجاگر ڪري ٿو پروگرام ۾ شاگردياڻين ۽ نوجوانن دانشورن جي پينل کان ڪيترائي سوال ڪيا جڏهن ته ڊاڪٽر سليمان شيخ پنهنجي خطاب ۾ چيو جيڪي ماڻهو چون ٿا ته سنڌي پڙهڻ، لکڻ ۽ ڳالهائڻ جو ڪو فائدو ناهي، انهن کي اهو وسارڻ نه گهرجي ته عالمي شهرت ماڻيندڙ شاهه عبداللطيف ڀٽائي سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو شاعر هو. جيڪو لطيف کي نٿو سڃاڻي، اهو سنڌ کي ڪيئن سمجهي سگهندو.هن وڌيڪ چيو ته اسان مايوس ناهيون، پر خوش آهيون جو سنڌي نوجوان لياري کان ملير تائين، گلشن کان سچل ڳوٺ تائين اعليٰ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، جيڪو سنڌ جي روشن مستقبل جي ضمانت آهي شاگردياڻي نفيس فاطمه جعفري چيو ته هوءَ ملير جي رهواسڻ آهي، جتي ڪيترائي اسڪول بند آهن، استاد پنهنجون ذميواريون نٿا نڀائين، ۽ سرڪاري سطح تي مانيٽرنگ جو مڪمل فقدان آهي. هن چيو ته سنڌي ٻوليءَ ۾ تعليم ڏيڻ تي ادارن ۾ ڀلجي ويو آهي، جيڪو پٺتي پوڻ جو وڏو سبب آهي پروفيسر طارق رحيم سومرو پنهنجي خطاب ۾ ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي ۽ جديد علمي اوزارن جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته سنڌ جي شاگردن کي عالمي سطح تي مقابلي لاءِ جديد سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ سان ليس ڪرڻ ضروري آهي، پر ساڳئي وقت پنهنجي ٻولي ۽ سڃاڻپ سان جڙيل رهڻ به لازمي آهي آخر ۾ سنڌ سماجي سٿ جي چيئرمين غلام نبي مگسي، ايڊووڪيٽ والد بخش ناريجو، خليل لغاري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. ڳالهائيندڙن چيو ته سنڌ ۾ تعليم جو بحران ختم ڪرڻ لاءِ سماج جي هر فرد کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. سيمينار ۾ اهو به واضح ڪيو ويو ته تعليم کانسواءِ نه فرد ترقي ڪري سگهي ٿو ۽ نه ئي سماج.