English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پٿورو ويجهو سعيدڪي شاخ مان عورت جو ڪپڙن کان آجو، ڄنگهه ۽ ٻانهه ڪٽيل لاش هٿ
142 views
|
02nd Sep 2025
•
سنڌي خبرون
لاش جي سڃاڻپ جيئان زال کيمچند ڀاٽ طور سڃاڻپ، عورت کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو آهي: وارث
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ضلعي عمرڪوٽ جي تعلقه پٿورو جي شادي پلي ٿاڻي جي حد اندر سعيدڪي شاخ مان هڪ عورت جو مسخ ٿيل لاش هٿ آيو، پوليس موجب لاش ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين پاڻي ۾ لڙهندو رهيو، اطلاع ملڻ تي اي ايس آءِ محمد علي نھڙي ٽيم سان گڏ واقعي واري هنڌ پھتو ۽ ليڊيز پوليس جي مدد سان لاش کي ٻاهر ڪڍي سول اسپتال پٿورو منتقل ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته لاش ڪپڙن کان آجي حالت ۾ هو، عورت جا هٿ پير ڪٽيل هئا ۽ چهري تي تشدد جا صاف نشان موجود هئا، دهشتناڪ صورتحال سبب علائقي ۾ سخت خوف ۽ هراس پکڙجي ويو، سوشل ميڊيا تي خبر وائرل ٿيڻ بعد وارث فوتيءَ جو ڀاءُ ۽ پٽ، اسپتال پهتا، هنن لاش جي سڃاڻپ شريمتي جيئان زال کيمچند ڀاٽ، رهواسي ڪاٺڙي اسٽاپ، تعلقه سنڌڙي طور ڪئي، مرحومه بيوه هئي پوليس ضروري قانوني ڪاروائيءَ مڪمل ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، ابتدائي جاچ ۾ شڪ ظاهر ڪيو پيو وڃي ته لاش پاڻي جي وهڪرن سان گڏ سنڌڙي جي ڀرسان کان هيٺ لڙهي آيو، پوليس عملدارن جو چوڻ آهي ته حتمي صورتحال پوسٽ مارٽم ۽ فرانزڪ رپورٽ اچڻ بعد ئي سامهون ايندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
23rd Apr 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
رئيس حاجي بنگل خان چانگ هڪ منفرد شخصيت..!!
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
صدر زرداری کی صحت سے متعلق افواہیں بے بنیاد ہیں: سلیم مانڈوی والا
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
امریکی ناکہ بندی کے باوجود آبنائے ہرمز سے ایران کے 34 آئل ٹینکر گزر گئے
23rd Apr 2026
•
سندھ
جاگیردارانہ نظام نامنظور — خواتین کے قتل، تشدد اور ہراسانی کے خلاف کراچی میں احتجاج
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سانگهڙ ويجهو آئل ٽينڪر رڪشا مٿان چڙهي ويو، ماءُ ڌيءَ فوت، 3 ڄڻا زخمي
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
خراب حڪمراني سنڌ ۾ عورتن ۽ ٻارن جي زندگيءَ جھنم بڻائي ڇڏي آهي: اياز لطيف پليجو
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ: کاروڙو واري علائقي ۾ ناري سان مبينا زيادتي واري واقعي جو ڪيس داخل
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول شهر ۾ آمڙا ۽ لوهار برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، 2 ڄڻا زخمي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ
پٿورو ويجهو سعيدڪي شاخ
عورت جو قتل
0 تبصرے