English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ مهانگائي جو طوفان، اٽي جي في مڻ قيمت ۾ هڪ هزار کان 1200 رپيا واڌ
views
|
02nd Sep 2025
•
سنڌي خبرون
کاڌي پيتيءَ ۽ روزمره جي استعمال جون شيون چوٽ چڙھي ويون،ضلعي انتظاميه اگھور ننڊ سُتل
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ۾ مهانگائي ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، منافع خور مافيا اٽي سميت ٻين کاڌي پيتي جي شين ۽ روزمرهه جي ضرورتن جي شين جي قيمتن ۾ من ماني واڌ ڪري ڇڏي آهي، اٽي جي چڪين ۾ اٽي جي في مڻ قيمت ۾ هڪ هزار کان 1200 رپيا تائين اضافو ٿيو آهي، جنهن بعد عام ماڻهون لاءِ ماني کائڻ مشڪل بڻجي وئي آهي، شهرين جو چوڻ آهي ته صرف اٽو نه پر چانور، دالون، تيل، گيهه، کير، ڀاڄيون ۽ ميوا به گهڻائي مهانگا ٿي ويا آهن، دڪاندار ۽ واپاري سرڪاري اگهن کي نظرانداز ڪري پنهنجا اگهه وصول ڪري رهيا آهن، جڏهن ته مارڪيٽ ڪميٽي ۽ ضلعي انتظاميه رڳو ڪاغذي ڪاروائين ۽ فوٽو سيشن تائين محدود آهن، شهرين شڪايت ڪئي آهي ته روزانه مزدوري ڪندڙ پورهيتن ۽ غريب طبقي لاءِ ٻه وقت جي ماني جو بندوبست ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي ويو آهي، هنن خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن حڪومت ۽ انتظاميه طرفان فوري طور اثرائتا قدم نه کنيا ويا ته هو احتجاجي تحريڪ هلائڻ تي مجبور ٿي ويندا، شھرين مطالبو ڪيو آهي ته اٽي سميت کاڌيءَ پيتيءَ جون شيون روزمره جي استعمال جون سڀ شيون فوري طور سستي ڪيون وڃن، سرڪاري اگهن تي سختي سان عمل ڪرايو وڃي ۽ ذخيره اندوزن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
20th Oct 2025
•
سندھ
ڈی آئی جی ٹریفک پولیس پیر محمد شاہ کی جانب سے معروف اداکار اینکر و کامیڈین کاشف خان کو ٹریفک پولیس کا گڈ ول ایمبیسیڈر کا عہدہ تفویض کیا گیا
20th Oct 2025
•
کھیل
ملک میں کھیلوں کی سرگرمیوں میں اضافے کی ضرورت ہے قرۃ العین خان
20th Oct 2025
•
سندھ
حضرت قطب عالم شاہ بخاری رحمة اللہ علیہ کا مزار کراچی کے معروف مزارات میں سرفہرست ہے کفیل حسین
20th Oct 2025
•
سندھ
کراچی میں سیاسی ہلچل , پیپلز پارٹی اور جماعت اسلامی کے کونسلرز مسلم لیگ (ن) میں شامل
20th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي جو جرڳائي وڏيرن خلاف احتجاج
20th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون واسين جو قبضاگيرن ۽ ڀتي خورن خلاف احتجاج
20th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ ۾ سماجي تنظيم احساس سوشل فورم پاران مستحقن جي مدد
20th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ آرا مشين يونين، ٽريڪٽر اونرز ۽ مزدورن طرفان پوليس خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
عمرڪوٽ
0 تبصرے