بن قاسم صنعتي علائقي جي وڌيڪ هڪ ڪارخاني مان پورهيت نوجوان جو مبينا تشدد ٿيل لاش هٿ

نجي ڪمپني جي احاطي مان بدين واسي 18 ورهين جي عظيم پٽ ڏاتو جو 3 ڏينهن پراڻو لاش مليو

بن قاسم صنعتي علائقي جي وڌيڪ هڪ ڪارخاني مان پورهيت نوجوان جو مبينا تشدد ٿيل لاش هٿ

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) بن قاسم جي صنعتي علائقي جي هڪ وڌيڪ ڪارخاني ٻي پورهيت جو مبينا تشدد ٿيل لاش هٿ ڪيو ويو آھي ان سلسلي ۾ معلوم ٿيو آھي ته پورٽ قاسم ۾ قائم هڪ نجي ڪمپني جي احاطي مان 18 ورهين جو نوجوان عظیم ولد ڏاتو، رهواسي ضلعو بدين، جو لاش هٿ آيو آھي پوليس موجب لاش لڳ ڀڳ ٽي ڏينهن پراڻو آھي ايس ايڇ او سڪڻ ابتدائي طور واقعي کي خودڪشي قرار ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته نوجوان مبينا طور ڦاهو کائي خدڪشي ڪئي آھي واقع جي وڌيڪ جاچ جاري آهي پوليس لاش کي ضابطي جي ڪارروائي بعد اسپتال منتقل ڪيو ياد رهي ته لڳ ڀڳ هڪ مهينو اڳ به نيشنل هاءِ وي ڀرسان قاسم ڊينم فئڪٽري مان هڪ مزدور جو لاش هٿ آيو هو جنهن کي پڻ خد ڪشي قرار ڏنو ويو هو پر پورهيت جو موت اڄ به ڳجهارت بڻيل آھي، ٻي طرف ڪمپنين جي پورهيتن پاران ٻنهي واقعن جي شفاف نموني جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي