ٺٽو( شفيق ڀٽي)انجمن شيعان حيدر ڪرار ٺٽي طرفان 8 ربيع الاول جي حوالي سان ٺٽي شھر جي جوڻيجا ڪالوني کان ھڪ وڏو جلوس برآمد ٿيو، جيڪو پنھنجي روايتي رستن کان ٿيندو امام بارگاھ شاھ نجف تي پھتو، جتي عزادارن طرفان مجلس پڙھي عزاداري ڪئي ويئي، جنھن بعد جلوس شڪرالائي امام بارگاھ تي پھچي مجلس عزا منعقد ڪرڻ بعد جلوس مين نيشنل هاءِ وي مين اسٽاپ جي رستي کان ٿيندو ٺٽي جي اوجھڙي مسجد وٽان عيدگاھ رستي قدم گاھ مولا علي عليه السلام تي پھچي اختتام پذير ٿيو، جنھن ۾ سيڪيورٽي جا انتھائي سخت انتظام ڪيا ويا ھئا.
0 تبصرے