ٺٽي ۾ صوبائي وزير رياض شاهه شيرازي جي صدارت هيٺ اجلاس

امڪاني ٻوڏ واري صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ تڪڙا قدم کڻڻ بابت تفصيلي صلاح مشورا ڪيا ويا

ٺٽي ۾ صوبائي وزير رياض شاهه شيرازي جي صدارت هيٺ اجلاس

ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) فوڪل پرسن ڊائون اسٽريم ڪوٽڙي بئراج رائيٽ بئنڪ صوبائي وزير اوقاف، زڪوات ۽ عشر سيد رياض حسين شاهه شيرازي جي صدارت ھيٺ امڪاني ٻوڏ واري صورتحال جي حوالي سان دربار هال مڪلي ۾ اهم ۽ هنگامي اجلاس منعقد ٿيو۔ اجلاس ۾ ڊپٽي ڪمشنر منور عباس سومرو، ايس ايس پي فاروق احمد بجاراني سميت آبپاشي، صحت، روينيو، لوڪل گورنمينٽ، لائيو اسٽاڪ، سوشل ويلفيئر، پبلڪ هيلٿ، هاءِ ويز، بلڊنگز ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن سان گڏ وڏي انگ ۾ بلدياتي نمائندن شرڪت ڪئي۔ ان موقعي تي امڪاني ٻوڏ واري صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ تڪڙا قدم کڻڻ بابت تفصيلي صلاح مشورا ڪيا ويا۔ اجلاس دوران ٻوڏ کان بچاءَ لاءِ حفاظتي قدم، حفاظتي بندن جي نگراني ۽ صورتحال، امڪاني متاثر علائقن جي نشاندھي، ڪچي مان ماڻهن جي لڏ پلاڻ، رليف ۽ ميڊيڪل ڪيمپن جي قيام تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي۔ ان موقعي تي صوبائي وزير سيد رياض حسين شاهه شيرازي لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته امڪاني ٻوڏ جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي عوام جي تحفظ، ڪچي مان ماڻهن جي بروقت منتقلي، ٻيڙين جي دستيابي، ريسڪيو ۽ رليف ٽيمون موجود رکڻ سميت حفاظتي بندن جي مسلسل نگراني سان گڏو گڏ سموران ضروري انتظام يقيني بڻايا وڃن۔ هن چيو ته عوام کي هر قسم جي خدشن کان محفوظ رکيو ويندو، سنڌ حڪومت ڪنهن به امڪاني هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي۔ ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر منور عباس سومرو چيو ته سمورا ادارا هاءِ الرٽ ڪيا ويا آهن ۽ گڏيل قدم کڻي هر ممڪن حڪمت عملي اختيار ڪئي پئي وڃي ته جيئن عوام کي محفوظ رکيو وڃي۔ اجلاس دوران آبپاشي کاتي جي عملدارن چيو تہ احتياطي ۽ اڳواٽ حڪمت عملي تحت حفاظتي بندن جي سمورن ھنڌن تي ضروري مشينري ۽ گهربل سامان فراھم ڪيو ويو آھي ۽ مسلسل نگراني ڪئي پئي وڃي تہ جيئن ڪنھن بہ ھنگامي صورتحال جو بروقت مقابلو ڪري سگهجي. ھن ٻڌايو تہ ضلعي ٺٽي ۾ داخل ٿيندڙ مجموعي پاڻي اٽڪل ساڍا پنج لک کان ڇھ لک ڪيوسڪ تائين ٿي سگهي ٿو جنھن سان ڪچي وارن علائقن ۾ ٻوڏ جو خدشو آھي.