ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) پوليو مهم جي افتتاحي تقريب سنڌ گورنمينٽ پي پي ايڇ آءِ اسپتال مراد ميمن گوٺ ۾ منعقد ٿي، جتي يونائيٽيڊ ميمن جماعت آف پاڪستان برانچ ضلعي ملير جي صدر ۽ گزيٽيڊ ايجوڪيشن آفيسر ايسوسيئيشن جي صدر جناب منظور احمد ميمن ٻارن کي پوليو جا قطرا پياريندي مهم جو باقاعده افتتاح ڪيو تقريب ۾ سينيئر سرجن ڊاڪٽر سيد فدا حسين شاهه، ڊاڪٽر مزمل فضل بلوچ، يو سي ايم او ايم سليم جي ميمن، پيراميڊيڪل ونگ ڊسٽرڪٽ ملير جي اڳواڻ مونس اياز، ايڊمن آفيسر پي پي ايڇ آءِ جهانزيب ڪلمتي، سي بي او شعيب اختر، يو سي ايس پي ظهير احمد ميمن، سي ايم جام کوثر ۽ ٻين معززن شرڪت ڪئي ان موقعي تي خاص مهمان منظور احمد ميمن چيو ته پوليو هڪ لاعلاج معذوري آهي، والدين جي قومي ذميواري آهي ته پنجن سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن کي هر مهم دوران لازمي طور قطرا پيارين، جيئن ايندڙ نسل کي عمر ڀر جي معذوري کان بچائي سگهجي ۽ صحتمند سماج جوڙجي. هن والدين تي زور ڏنو ته هو پوليو رضاڪارن سان مڪمل تعاون ڪن سينيئر سرجن ڊاڪٽر سيد فدا حسين شاهه چيو ته بدقسمتي سان پاڪستان ۾ اڃا تائين پوليو جو جراثيم موجود آهي ۽ رڳو هن سال دوران 23 ٻار هن خطرناڪ بيماري جو شڪار ٿيا آهن، جڏهن ته دنيا جي ترقي يافته ملڪن مان هي مرض مڪمل طور ختم ٿي چڪو آهي
0 تبصرے