قومي عوامي تحريڪ ضلعي ملير جو اجلاس جنسار هيسباڻي جي صدارت ۾ ٿيو

اجلاس ۾ بنيادي سهولتن ڳوٺن کي ليز ڪرڻ ۽ امن امان لاءِ تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو ويو

قومي عوامي تحريڪ ضلعي ملير جو اجلاس جنسار هيسباڻي جي صدارت ۾ ٿيو

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) قومي عوامي تحريڪ ضلعي ملير جو اجلاس ضلعي صدر جنسار هيسباڻي جي صدارت هيٺ رزاق آباد ۾ ٿيو، جنهن ۾ مرڪزي نائب صدر فرحان لاڙڪ، مرڪزي رابطا سيڪريٽري ڪاشف خاصخيلي، ڊويزن صدر اشفاق چنڙ، جنرل سيڪريٽري منان شيخ ۽ سينيئر نائب صدر فياض اتيرو خصوصي شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ ملڪي، سنڌ ۽ ملير ضلعي جي سياسي صورتحال ۽ تنظيمي معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس م اڳواڻن چيو ته ملير ۾ قديمي ڳوٺن کي ليز رد ڪري رهواسين کان مالڪاڻا حق کسي ڇڏيا ويا آهن، جڏهن ته پاڻي، بجلي ۽ گيس جهڙين بنيادي سهولتن جي کوٽ سبب ڳوٺاڻن ۽ شهرين جون زندگيون متاثر ٿي رهيون آهن. امن امان جي صورتحال به انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي، هڪ هفتي دوران ٻن پوليس اهلڪارن کي قتل ۽ هڪ شهري کي گھگھر مان اغوا ڪيو ويو آهي.ان حوالي سان اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ضلعي ملير اندر "ڳوٺن کي ليز ڏيو، بنيادي سهولتون ڏيو ۽ امن امان جي صورتحال بهتر ڪريو" جي عنوان سان سجاڳي مهم هلائي ويندي ۽ هنڊبل ورهايا ويندا. ان سان گڏ سنڌياڻي تحريڪ ضلعي ملير پاران ڪارپوريٽ فارمنگ، ڪينالن ۽ بدامني خلاف جلد احتجاجي ريلي پڻ ڪڍڻ جو اعلان ڪيو ويو.اجلاس ۾ ضلعي جي مختلف يونٽن جا دورا ۽ ميٽنگون ڪرڻ جو به شيڊول طئي ڪيو ويو