ضياءَ الحسن لنجار جي هدايتن تي عوامي مسئلا حل ڪري رهيا آهيون: احمد نواز بهڻ

ضياءَ الحسن لنجار جي هدايتن تي عوامي مسئلا حل ڪري رهيا آهيون: احمد نواز بهڻ

مورو (جاني جماڻي) مورو پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ لنجار پپلرز ھاؤس جي ڪوآرڊينيٽر اڳوڻي تعلقي ناظم رئيس احمد نواز بھڻ ، هائوس ۾ ماڻهن جا مسئلا ٻڌي موقعي تي حل ڪيا ، هن موقعي تي ھن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته شھر اندر امن امان جي صورتحال کي بھتر بڻايو وڃي، مختلف برادرين سميت تڪ جي ماڻھن اندر پيدا ٿيل اختلاف جھيڙن کي روڪڻ ڳالھين ذريعي ٻنهي برادرين سميت فردن ۾ مفاهمت ڪئي وڃي ۽ ميرٽ تي فيصلا ڪيا وڃن. هن وڌيڪ چيو ته علائقي جي ماڻهن جا مسئلا ٻڌڻ کان پوءِ انهن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو پيو وڃي.ھن وڌيڪ چيو تہ تڪ جي ايم پي اي صوبائي وزير داخلا وقانون محترم ضياالحسن لنجار جي سخت ھدايتن بعد ٻوڏ واري صورتحال تي اسانجي نظر آھي انتظاميہ سميت پپلرز پارٽي جا زميوار فرد پڻ سخت چوڪسي ڪري رھيا آھن، مورو دادو پل وٽان 9 کان ٻارنھن لک ڪيوسڪ پاڻي جا ريلا گذري چڪا آھن تنھن ھوندي بہ ڪچي جي ماڻھن کي محفوظ ھنڌ منتقل ڪيو پيو وڃي جيئن ڇھين کان ايندڙ ٻوڏ وارو ريلو بنا نقصان جي گذري وڃي، ھن چيو تہ اسان جي شھر توڙي آس پاس منشيات خلاف انتظاميہ کي سخت قدم کڻڻ جي ھدايت ڪئي آھي جنھن خلاف آپريشن جاري آھي ضياالحسن لنجار جي ھدايتن تي روزاني جي بنياد تي شھرين جا مسئلا حل ڪيا پيا وڃن، !