عدالت اڳوڻي ايس ايڇ او اشفاق منگي، موجوده ايس ايڇ او انور شر ۽ ٽن اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو
ٺٽو (شفيق ڀٽي) ٺٽي جي ماڊل ڪورٽ فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج اسلام الحق آرائين، هڪ اهم فيصلي ۾ مڪلي ٿاڻي جي ٻن ايس ايڇ اوز ۽ 5 ٻين پوليس اهلڪارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. هي حڪم مڪلي جي رهواسي نوري قريشي نالي عورت جي درخواست تي ڏنو ويو. نوري قريشي پنهنجي درخواست ۾ الزام هنيو هو ته پوليس اهلڪارن کيس حراسان ڪيو ۽ سندس پٽ کي بنا ڪنهن ڏوهه جي گرفتار ڪري کيس ٿاڻي تي قيد ڪيو. جيتوڻيڪ عدالتي ڇاپي بعد سندس پٽ کي آزاد ڪرايو ويو، پر بعد ۾ مٿس چرس جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو ويو. عدالت سينئر وڪيل منصور ترڪ جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ نوري قريشي جي درخواست منظور ڪئي. عدالت ايس ايڇ او مڪلي کي حڪم ڏنو آهي ته هو فوري طور تي نامزد ٿيل 7 پوليس اهلڪارن، جن ۾ اڳوڻو ايس ايڇ او اشفاق منگي ۽ موجوده ايس ايڇ او انور شر پڻ شامل آهن، انهن خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪَرڻ جي ھدايت ڏيئي ڇڏي آھي، جنھن بعد مَڪلي پُوليس اُن دَروخاست کي چيلينگ ڪري ڇڏيو آھي، اڃان تائين متاثر عورت جو ڪيس داخل نہ ٿي سگھيو.
0 تبصرے