سنڌ حڪومت کي بہ گھرجي تہ سنڌ اندر سخت قدم کڻي سنڌو درياء جا بچاء بند مضبوط ڪري
ٺٽو(ڊر) سنڌ ملاح فورم جي مرڪزي سينيئر نائب صدر ڏاڏا آدم گندرو چيو اھي تہ سنڌو درياء ۾ پاڻي اچڻ بعد ماھيگيرن جي منھن تي مرڪون موٽي ايون آھن، جن جي روزگار ۾ بہ اضافو ٿيو آھي، پر پاڻي مٿان کان پنجاب ۾ جيڪا تباھي مچائي اھي، ان تي ڏک پھتو اھي، سنڌ حڪومت کي بہ گھرجي تہ سنڌ اندر سخت قدم کڻي سنڌو درياء جا بچاء بند مضبوط ڪري سنڌ جي ماڻھن کي امڪاني نقصان کان بچائي، ھن اھي ڳالھيون سنڌو درياء جي بچاء بندن جو جائزو وٺندي مقامي ماھيگيرن سان ملاقاتون ڪرڻ بعد سنڌو درياء جي دولھ درياء خان پل تي صحافين سان ڳالھائيندي ڪيو، ملاح اڳواڻ ڏاڏا ادم گندرو چيو تہ ھن کان اڳ بہ سنڌو درياء جي ٻوڏن سنڌ ۾ تباھي مچائي ھئي، پر ھن واري ان کان بہ وڌيڪ پاڻي اچڻ جو امڪان آھي، جنھن ڪري بوڏ جي انديشي کي نظر انداز نٿو ڪري سگھجي، ھن چيو تہ سنڌو درياء ۾ اڃان تائين پاڻي گھٽ آھي، پر ڪجھ ڏينھن ۾ پاڻي وڌي ويندو، ان ڪري اڳواٽ سنڌ حڪومت کي بھتر قدم کڻڻ سان گڏ ڪچي ۾ رھندڙ ماڻھن کي بہ محفوظ ھنڌن تي منتقل ڪرڻ جا بندوبست ڪري سندن کاڌ، خوراڪ، رھائش، علاج، معالج جو بہ بندوبست ڪرڻ گھرجي. جيئن متاثر ٿيندڙ ماڻھون پريشاني کان بچي سگھن. ان موقعي تي صحافي محمد ايوب ملاح، ڊاڪٽر سڪندر ملاح، يار محمد ملاح، محمد صديق ميراڻي ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا، ان کانپوء ملاح اڳواڻن پاران ملاح پئٽرول پئمپ سجاول تي پھچي اميرالبحر جي چيئرمين علي مير ملاح سان ملاقات ڪري سندس عيادت ڪرڻ بعد سندس صحتيابي لاء خصوصي دعائون گھريون. ان موقعي تي سنڌ ملاح فورم جو مرڪزي سينيئر نائب صدر ملاح اڳواڻ ڏاڏا آدم گندرو، محمد ايوب ملاح، يار محمد ملاح، ڊاڪٽر سڪندر ملاح، محمد صديق ميراڻي، علي حسن پارھيڙي، احمد ملاح، محمد ملاح، ڊاڪٽر نور احمد ملاح، ناٿو سانداڻي ملاح، حاجي ميربُحر، حاجي ذاڪر ڪلاتري، محمد علي ملاح، حاجي رميزالدين ميمڻ، حنيف ملاح، پير محمد ٽانڊيو، عارب ملاح سميت ملاح برادري جا معززين وڏي تعداد ۾ موجود ھئا.
0 تبصرے