English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊي سي شھيد بينظيرآباد عبدالصمد نظاماڻي جي صدارت ھيٺ اجلاس
views
|
29th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
نوابشاهه (ھه آ) ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد عبدالصمد نظاماڻي جي صدارت ھيٺ سنڌو درياهه ۾ پاڻي ۾ اضافي جي پيش نظر ريسڪيو ۽ ريليف جي حوالي سان ھڪ اجلاس سندس آفيس ۾ ٿي گذريو اجلاس ۾ پاڪ فوج جي ڪرنل ياسر سھيل، ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ڊاڪٽر اسدالله ڏاھري، ڊپٽي ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ اعجاز لغاري، انچارج ريسڪيو 1122 انجنئير عبدالمنان، ايڪسين داد ڊويزن تيمور کيڙو، اسسٽنٽ ڪمشنر نوابشاهه اقبال احمد تنيو ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر عبدالصمد نظاماڻي چيو ته سنڌو درياهه ۾ ٻوڏ واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي ضلع انتظاميه پاران ڪچي ۾ رھندڙ ماڻھن کي پڪي تي منتقل ڪرڻ لاءَ ھر ممڪن قدم کڻي رھي آھي ڊپٽي ڪمشنر صحت ۽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي تہ ٻوڏ واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي ماڻھن ۽ جانورن لاءِ ميڊيڪل ڪيمپون قائم ڪيون وڃن تہ جئين ماڻھن ۽ جانورن کي بيمارين کان محفوظ بڻائي سگهجي ڊپٽي ڪمشنر ايڪسين داد ڊويزن کي ھدايت ڪئي تہ شھيد بينظيرآباد جي حدن مان گذرندڙ سنڌو درياهه جي حفاظتي بندن جي نگراني کي يقيني بڻايو وڃي ڪنھن بہ ايمرجنسي جي صورت ۾ فوري طور تي ضلع ۽ تعلقي انتظاميه کي اطلاع ڏنو وڃي ڊپٽي ڪمشنر ريسڪيو جي عملدارن کي هدايت ڪئي تہ ھو ڪنھن بہ ايمرجنسي کي منھن ڏيڻ لاءِ الرٽ رھن. ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي پاڪ فوج جي ڪرنل ياسر سھيل چيو ته مٿين علائقن ۾ برساتن سبب سنڌو درياهه ۾ ٻوڏ واري صورتحال آھي جنھن کي نظر ۾ رکندي پاڪ فوج الرٽ آھي ھن وڌيڪ چيو ته پاڪ فوج ضلع انتظاميه سان ويجھي رابطي ۾ آھي ڪنھن بہ قسم جي ايمرجنسي کي منھن ڏيڻ لاءِ پلان جوڙيو ويو آهي ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ڪچي ۾ رھندڙ ماڻھن کي اپيل ڪئي تہ سنڌو درياهه ۾ پاڻي ۾ اضافو ٿي رھيو آھي جنھن کي نظر ۾رکندي فوري طور تي ريليف ڪئمپن ۾ منتقل ٿين. اجلاس کي آگاهي ڏيندي ايڪسين داد ڊويزن تيمور کيڙو ٻڌايو ته ھن وقت ضلع شھيد بينظيرآباد جي حدن ۾ سنڌو درياهه مان 4 لک ڪيوسڪ پاڻي گذري رھيو آھي جڏھن ته بندن جي نگراني لاءِ عملي جي مقرري ۽ مشينري جي موجودگي کي يقيني بڻايو ويو آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Oct 2025
•
شوبز
عریاں مواد کا الزام: ریئلٹی شو "لازوال عشق" کے خلاف عدالت میں درخواست دائر
19th Oct 2025
•
کھیل
ٹیسٹ چیمپئن کے خلاف سیریز جیتنے کا بہترین موقع ہے: اظہر محمود
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
گندم پالیسی منظور، قیمت 3500 روپے فی من مقرر
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
جنگ بندی معاہدہ خوش آئند، افغان سرزمین سے دہشتگردی کی روک تھام کے لیے اقدامات ضروری ہیں: اسحاق ڈار
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
فوجي فرٽيلائزر ڪمپني (ايف ايف سي) پورٽ قاسم طرفان سونا فٽبال ڪپ منعقد
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي ٺٽو پاران مقامي نوجوانن کي روزگار ۾ اوليت ڏيڻ جي هدايت
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز: قومي شاهراهه تي خوفناڪ حادثو، 8 ڄڻا زخمي
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: سي آءِ اي پوليس پاران ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد
عبدالصمد نظاماڻي
0 تبصرے