ابراهيم حيدري جي ميونسپل چيئرمين نظير احمد ڀٽو جي صدارت هيٺ اجلاس

محفل ميلاد ۽ جلوس جي رستن تي صفائي ۔ اسٽريٽ لائٽس ۽ ٻين سهولتن کي يقيني بڻايو ويندو: نظير احمد ڀٽو

ابراهيم حيدري جي ميونسپل چيئرمين نظير احمد ڀٽو جي صدارت هيٺ اجلاس

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن ابراهيم حيدري جي چيئرمين نظير احمد ڀٽو جي صدارت هيٺ ٽائون آفيس ۾ 12 ربيع الاول عيد ميلادالنبي ﷺ جي انتظامن بابت ڪوآرڊينيشن اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ مذهبي عالمن ۔ پوليس آفيسرن ۽ ٽائون آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ربيع الاول جي انتظامن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني ويئي ۽ علما ڪرام ۽ منتظمين طرفان پيش ڪيل تجويزن ۽ درپيش مسئلن جي حل لاء ٽائون چيئرمين نظير احمد ڀٽو پاران هدايتون جاري ڪيون ويون۔ ان موقعي تي ٽائون چيئرمين نظير احمد ڀٽو چيو ته جشن عيد ميلاد النبي صه اسان سڀني لاء هڪ وڏو خوشي ۽ عيد جو ڏينهن آهي۔ عاشقان رسول کي سموريون سهولتون مهيا ڪيون وينديون۔ محفل ميلاد ۽ جلوس جي رستن تي صفائي ۔ اسٽريٽ لائٽس ۽ ٻين سهولتن کي يقيني بڻايو ويندو۔ برسات سبب پيدا ٿيل رڪاوٽن کي فوري طور ختم ڪيو وڃي، صفائي سٿرائي ۽ رستن جي همواري کي يقيني بڻايو وڃي، سڀني عاشقانِ رسول ﷺ جي جلوسن جي گذرگاهن ۽ مسجدن جي ڀرپاسي ۾ اسٽريٽ لائٽس ۽ روشنيءَ جو مؤثر انتظام ڪيو وڃي، جيئن عوام کي ڪنهن به تڪليف جو منهن نه ڏسڻو پوي. چيئرمين نظير احمد ڀٽو چيو ته عيد ميلادالنبي ﷺ اسان لاءِ ايمان افروز ۽ روحاني سڪون جو ڏينهن آهي، هي ڏينهن اسان کي اتحاد، ڀائچاري ۽ اخوت جو درس ڏئي ٿو.هن وڌيڪ چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته ابراهيم حيدري ٽائون ۾ 12 ربيع الاول جا سڀ جلوس ۽ تقريبون امن، سڪون ۽ سهولتن سان منعقد ٿين. عاشقان رسول لاءِ بهتر کان بهتر انتظام اسان جي اولين ترجيح ۾ شامل آهن. انشاءَالله هر سال وانگر هن سال به 12 ربيع الاول عيد ميلادالنبي ﷺ شايانِ شان طريقي سان ملهايو ويندو ۽ سڀ انتظام وقت سر مڪمل ڪيا ويندا.اجلاس ۾ ڊائريڪٽر (HRM) صفدر سولنگي، ڊائريڪٽر سيبيٽيشن مشتاق مٽو ، چيف انجينيئر سهيل ملاح ، ڊائريڪٽر سوشيل ويلفيئر عابد شاھ سميت ٻيا پڻ موجود هئا