هڪ هفتي اندر پنجن شهرين جي قتل مان اها ڳالهه ثابت ٿي ته عوام کي ڏوهارين جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي
ڪراچي/لاڙڪاڻو (اسٽاف رپورٽر)امير جماعت اسلامي سنڌ ڪاشف سعيد شيخ حيدري باغ ٿاڻي جي حد ذوالفقار باغ لاڙڪاڻي ۾ ڏينهن ڏٺي جو ڦُرجي واردات دوران 18 سالن جي نوجوان احمد علي ڀٽي کي مزاحمت دوران قتل ڪرڻ توڙي صدمي ۾ سندس سئوٽ معراج ڀٽي جي وفات واري واقعي تي سندن وارثن وٽ پهچي فوت ٿيل نوجوانن جي تعزيت، درجات جي بلند ۽ وارثن لاءِ صبر جميل جي دُعا ڪئي آهي. ان موقعي تي ضلعي امير ايڊوڪيٽ نادر علي کوسو، قاري ابو زبير جکرو،مقامي امير رميز راجا شيخ سميت ٻيا اڳواڻ پڻ ساڻس گڏ هئا. ڪاشف سيعد شيخ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته افسوسناڪ واقعو ڏينهن ڏٺي جو شهر جي ڳتيل آبادي واري علائقي ۾ پيش اچڻ سبب شهرين وچ ۾ خوف ۽ دهشت واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، هن وقت لاڙڪاڻي سميت اُتر سنڌ جي هر شهر ۾ بدامني، ڌاڙيل راڄ، چوري ۽ ڦرون روز جو معمول بڻجي چڪيون آهن، هر روز موٽرسائيڪل يا قيمتي شين جي ڦُرلُٽ دوران مزاحمت جي نتيجي ۾ ڳڀرو نوجوان قتل ٿي رهيا آهن، پر بي حس حڪمران ” سڀ ٺيڪ آهي“ جو راڳ الاپڻ ۾ مصروف آهن.پوليس حڪمران لڏي کي وي آءِ پي پروٽوڪول ۽ خوشامد ڪرڻ ۾ مصروف آهي جڏهن ته عوام جو ڪوبه والي وارث ڪونهي. ڪرپٽ، نااهل ماڻهن جو اسيمبلين ۾ پهچي ڌاڙيلن، منشيات فروشن جي سرپرستي توڙي پوليس جي سهولتڪاري جي ڪري ڏوهاري سرِعام ڦرون ۽ ڌاڙا هڻي رهيا آهن ۽ ماڻهن کي بيدردي سان روڊن تي قتل پيا ڪن، پر کائنس ڪير به پڇڻ وارو ڪونه آهي.جنھن ڏينهن تي لاڙڪاڻي ۾ احمد ڀٽي کي قتل ڪيو ويو ساڳئي ڏينهن تي قمبر ۾ ساگرنورياڻي چانڊيو کي به قتل ۽ سندس سئوٽ عبدالرسول چانڊيو کي زخمي ڪيو ويو جڏهن ته هڪ ڏينهن اڳ لاڙڪاڻو- موهن جو دڙو روڊ تي هٿياربند ڦورن هٿان ڳوٺ ڪنڌر سيهڙا واسي 65 ورهين جو پيرسن حافظ عبدالقادر سيهڙو ۽ سندس نوجوان 28ورهين جو پٽ فاروق سيهڙو جي قتل مان اها ڳالهه ثابت ٿي آهي ته هتان جي عوام لاوارث ۽ حڪمران اگهور ننڊ ۾ سُتل آهن.هڪ هفتي اندر لاڙڪاڻي ۾ رهزنن هٿان پنج شهرين جو قتل ايس ايس پي لاڙڪاڻو، چونڊيل نمائندن جي منهن تي زوردار چماٽ آهي. پوليس جي لاپرواهي سبب بدامني وڌي وئي آهي، پوليس سياسي ڀوتارن، وزيرن ۽ مشيرن جي پروٽوڪول ۾ مصروف آهي، عوام کي ڏوهارين جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي، روز روز وڌندڙ بدامني، ڦرن، ڌاڙن، لٽ مار، چورين ۽ قتل عام ماڻهن جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي، جماعت اسلامي ظلم خلاف هر مظلوم سان گڏ آهي ۽ بي دردي سان قتل ڪيل نوجوان احمد علي ڀٽي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ هر فورم تي وارثن سان گڏ احتجاج ڪندي.#
0 تبصرے