عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڊسٽرڪٽ پرائيس بيس اسيسمينٽ ڪاميٽي جو اجلاس ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون عمرڪوٽ جاويد احمد ڏاھري جي صدارت هيٺ ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ منعقد ڪيو ويو، ان موقعي تي اجلاس ۾ پاڪستان انٽيليجنس بيورو آفيس عمرڪوٽ کي سرڪاري زمين ڏيڻ بابت سرڪاري زمينن جي قيمتن جو جائزو ورتو ويو ۽ ان حوالي سان اهم فيصلا ڪيا ويا، ان موقعي تي اجلاس ۾ انٽيليجنس بيورو آف پاڪستان جي نمائندن، اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو، ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر عمرڪوٽ محمد عالم سومرو، سب رجسٽرار عمرڪوٽ ظھير الدين، غلام اڪبر درس، سيد قمرالزمان شاھ، ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر عمرڪوٽ محمد اسلم ڀٽي، مختيارڪار عمرڪوٽ انصاف علي شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون عمرڪوٽ جاويد احمد ڏاھري چيو تہ سرڪاري زمينن جي قيمتن جو تعين شفاف طريقي سان ڪيو وڃي تہ جيئن رياستي وسيلا بهتر نموني استعمال ٿي سگهن ۽ عوامي مفاد ۾ فيصلا لاڳو ٿين، اجلاس ۾ پاڪستان انٽيليجنس بيورو آفيس عمرڪوٽ جي لاءِ تجويز ڪيل ھڪ ايڪڙ سرڪاري زمين جي مارڪيٽ ويليو ۽ سرڪاري ريٽ بابت تفصيلي بحث ڪيو ويو، ان موقعي تي لاڳاپيل کاتن جي نمائندن طرفان قيمتن جي رپورٽ پيش ڪئي وئي، جنهن جي بنياد تي ڪاميٽي جي ميمبرن جي اتفاق راءِ سان فيصلو ڪيو ويو تہ پاڪستان انٽيليجنس بيورو آفيس عمرڪوٽ جي لاءِ مختص ڪيل سرڪاري زمين جو في ايڪڙ ريٽ 5 لک روپيا مقرر ڪيو ويو، ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون عمرڪوٽ جاويد احمد ڏاھري وڌيڪ چيو تہ سلامتي جي ادارن لاءِ زمينن جي فراهمي علائقي جي ترقي ۽ استحڪام لاءِ اهم قدم آهي، تنهن ڪري قيمتن جو جائزو قانوني ۽ قاعدن مطابق هجڻ لازمي آهي.
0 تبصرے