ڌاڙيل 2 ڪروڙ رپيا روڪ رقم، 2 آئي فون ۽ 2 راڊو واچون گهري رهيا آهن، نه ته ماري ڇڏينداسين: مغوي اڪرم زهراڻي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي حد، گهگهر ڦاٽڪ وٽان اغوا ٿيل بسن جو اسٽارٽر پورهيت اڪرم زهراڻي کي ڌاڙيلن ظاهر ڪندي وارثن کي هڪ وڊيو موڪلي آهي، جنهن ۾ اڪرم زهراڻي بي وسيءَ سان آزادي لاءِ فرياد ڪري رهيو آهي. وڊيو سان گڏ مغوي جي وارثن کي ڌمڪيون ڏنيون ويون آهن ته جيڪڏهن مطالبا پورا نه ڪيا ويا ته پورهيت کي قتل ڪيوويندو.اغواڪارن فون ڪال ذريعي مغوي جي وارثن کان 2 ڪروڙ رپيا نقد، 2 آئي فون ۽ 2 راڊو واچون گهريون آهن. اهڙي قسم جا مطالبا صرف پئسن تائين محدود نه رهيا آهن پر ڌاڙيلن طرفان جديد اليڪٽرانڪ ڊوائيسز ۽ قيمتي گهڙين جو مطالبو ڪرڻ ماڻهن ۾ حيرت ۽ خوف پيدا ڪري ڇڏيو آهي.مغوي جي ڀاءُ اسلم زهراڻي جو چوڻ آهي:اسان غريب پورهيت ماڻهو آهيون، اسان وٽ ڪروڙين رپين جو بندوبست ڪٿان ٿيندو؟ هن وڌيڪ چيو ته ڌاڙيلن جو مطالبو اسان لاءِ مڪمل طور ناممڪن آهي. هن آئي جي سنڌ ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کان اپيل ڪئي آهي ته هو سندس ڀاءُ جي زندگي بچائڻ لاءِ فوري قدم کڻن. علائقي ۾ وڌندڙ اغوا جا واقعا گهگهر ڦاٽڪ ۽ ان جي ڀرپاسي وارا علائقا گذريل ڪجهه وقت کان ڌاڙيلن لاءِ محفوظ پناهه گاهون بڻيل نظر اچن ٿا. مسافر بسن، پورهيتن ۽ عام شهرين جي اغوا جا واقعا وڌي رهيا آهن، جڏهنتہ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا انهن وارداتن کي روڪڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام نظر اچن ٿا. علائقي واسي چون ٿا ته پوليس گهڻو ڪري صرف رپورٽ لکي خاموش ٿي ويهي رهي ٿي، پر اغوا ٿيلن جي آزادي لاءِ ڪو به مؤثر قدم نظر نٿو اچي.علائقي جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته روزگار لاءِ ٻاهر ويندڙ پورهيتن ۾ خوف ۽ ڏهڪاءُ وڌي ويو آهي. ڌاڙيلن طرفان وڏي رقم ۽ قيمتي سامان جا مطالبا ڪرڻ نه صرف هڪ خاندان لاءِ پر سڄي معاشري لاءِ خطري جي نشاني آهي. ماڻهن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن حڪومت ۽ پوليس فوري قدم نه کنيا ته علائقي ۾ امن امان جي صورتحال وڌيڪ ابتري جو شڪار ٿي ويندي.مغوي جي وارثن سميت علائقي جي سماجي اڳواڻن آءِ جي سنڌ، وزير اعليٰ سنڌ ۽ وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته ڌاڙيلن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي، مغوي کي بازياب ڪرايو وڃي ۽ اغوا جي وڌندڙ واقعن کي روڪڻ لاءِ مستقل حڪمتِ عملي تي عمل ڪيو وڃي.
0 تبصرے