اسٽيل ٽائون پوليس پاران مقابلي دوران ٻن جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

گلشن حديد فیز 2 ڀرسان پيٽرولنگ دوران جوابدارن روڪڻ جو اشارو ڪرڻ تي فائرنگ ڪري ڏني:: پوليس

اسٽيل ٽائون پوليس پاران مقابلي دوران ٻن جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي حد گلشن حديد فیز 2 ڀرسان پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مبينا مقابلو ٿيو، جنهن دوران ٻن جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.پوليس موجب پيٽرولنگ دوران پوليس موبائل جوابدارن کي روڪڻ جو اشارو ڪيو ته جوابدارن ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندي اهلڪارن تي فائرنگ ڪري ڏني پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ ٻنهي جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ رضا محمد عرف رضو ۽ محمد يونس طور تي ٿي آهي، جن وٽان هڪ موٽرسائيڪل، ٻه پسٽل ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار ڦر جي نيت سان بيٺل هئا ۽ انهن جو تعلق ٺٽي سان آهي پوليس موجب گرفتار جوابدارن تي اسٽريٽ ڪرائمز، پوليس مقابلي ۽ ناجائز هٿيار رکڻ جا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. زخمي جوابدارن کي طبي امداد لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، وڌيڪ جاچ جاري آهي.