English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ: سنڌ زرعي يونيورسٽي ڪيمپس جي پوائنٽ بس ۾ ٺهيل ٽڪ ٽاڪ وڊيو جو نوٽيس
views
|
26th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
يونيورسٽي انتظاميه شاگردن پاران ٺهيل وڊيو جي جاچ لاءِ ٽن استادن تي ٻڌل ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) سنڌ زرعي يونيورسٽي ڪئمپس عمرڪوٽ جي شاگردن پاران پوائنٽ بس ۾ شاگردياڻين جي موجودگي ۾ ٽڪ ٽاڪ وڊيو ٺاھڻ وارو مامرو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد عمرڪوٽ ڪئمپس جي پرووائيس چانسيلر ۽ انتظاميه تي مٿن سخت تنقيد ٿيندي رھي ردعمل ۾ تيزي اچڻ بعد يونيورسٽي انتظاميه معاملي جو نوٽيس وٺندي وڊيو وائرل معاملي جي جاچ لاء يونيورسٽي جي ٽن استادن تي ٻڌل جاچ ڪميٽي قائم ڪري ورتي آھي وڊيو ۾ شاگردن شاگردياڻين جي ڀرسان بيٺل ۽ ڊانس ڪندي ڏسي سگھجن ٿا يونيورسٽي پاران سوشل پيج تي معاملي بابت وضاحتي بيان جاري ڪندي ڄاڻايو ويو ته شاگردن معافي ورتي آھي پر ان باوجود جاچ ڪميٽي جوڙي آھي رپورٽ اچڻ بعد وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي زرعي يونيورسٽي عمرڪوٽ ڪئمپس انتظاميه پاران پرو وائيس چانسيلر زرعي يونيورسٽي عمرڪوٽ ڪئمپس جي ھدايتن تي جوڙيل جاچ ڪميٽي ۾ ذوالفقار مري محمد نواز ميربحر ۽ شعيب احمد ھڪڙو شامل آھن شاگرد علي جان مري اڳ ئي سوشل پيج تي معافي وٺي چڪو آھي جڏھن ته عوامي حلقن عمرڪوٽ ڪئمپس ۾ گرلس شاگردن لاء الڳ بس سروس شروع ڪرڻ جو پڻ مطالبو ڪيو ويو آھي ٻي طرف عمرڪوٽ جي وڪيلن وفد جي صورت ۾ گڏجي ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن عمرڪوٽ جي صدر شريف ڀيل کي لکت ۾ شڪايت پيش ڪئي جنھن تي ڊسٽرڪٽ بار ايسوسئيشن عمرڪوٽ طرفان يونيورسٽي انتظاميه جي خلاف اھم نوعيت جو ٺھراء پاس ڪري اھڙن واقعن جي شديد مذمت ڪري انڪوائري ڪرڻ جي گھر ڪئي وئي آھي، ٻي پاسي زرعي يونيورسٽي ڪئمپس عمرڪوٽ جي پرو وائس چانسلر جان محمد مري سان پ پ پ ضلعي اڳواڻن برهان الدين ڪنڀر ۽ انفارميشن سيڪريٽري گهنشام داس ميٽنگ ڪئي جن گذريل ڏينهن ٿيل پوائنٽ بس واري واقعي جي ڄاڻ ورتي ۽ ذميوارن لاء ڪاروائي لاء چيو جنھن تي پرو وائيس چانسلر ٽي رڪني ڪاميٽي ٺاهي ڇڏي آھي جنهن ۾ ذوالفقار مري محمد نواز ميربحر ۽ شعيب احمد ھڪڙو شامل آھن ھوڏانھن سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ٿيڻ کان پوءِ نوجوان علي جان مري سوشل ميڊيا تي ٽڪ ٽاڪ جي وڊيو م نظر ايندڙ يونيورسٽي جي شاگردياڻين ۽ انهن جي والدين ۽ يونيورسٽي انتظاميا کان سوشل ميڊيا تي معذرت ڪري ڇڏي آھي زرعي يونيورسٽي سب ڪئمپس عمرڪوٽ جي عورتن پروفيسرن پنهنجي بيان ۾ وڊيو وائرل ڪئي وئي آهي انھي ۾ اھڙي ڪا ڳالهه ناهي ڪجهه ماڻهن اشو ٺاھيو آهي جيڪي شاگردياڻين ٽوئر تي ھليون ھيون پنهنجي والدين جي مرضي سان ھليون ھيون اسان پاڻ انهن سان گڏ ھيون شاگردياڻي ڪا شڪايت نه ڪئي آهي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
يونيورسٽي انتظاميه شاگردن
سنڌ زرعي يونيورسٽي ڪيمپس
عمرڪوٽ
0 تبصرے