English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ: سنڌ زرعي يونيورسٽي ڪيمپس جي پوائنٽ بس ۾ ٺهيل ٽڪ ٽاڪ وڊيو جو نوٽيس
119 views
|
26th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
يونيورسٽي انتظاميه شاگردن پاران ٺهيل وڊيو جي جاچ لاءِ ٽن استادن تي ٻڌل ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) سنڌ زرعي يونيورسٽي ڪئمپس عمرڪوٽ جي شاگردن پاران پوائنٽ بس ۾ شاگردياڻين جي موجودگي ۾ ٽڪ ٽاڪ وڊيو ٺاھڻ وارو مامرو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد عمرڪوٽ ڪئمپس جي پرووائيس چانسيلر ۽ انتظاميه تي مٿن سخت تنقيد ٿيندي رھي ردعمل ۾ تيزي اچڻ بعد يونيورسٽي انتظاميه معاملي جو نوٽيس وٺندي وڊيو وائرل معاملي جي جاچ لاء يونيورسٽي جي ٽن استادن تي ٻڌل جاچ ڪميٽي قائم ڪري ورتي آھي وڊيو ۾ شاگردن شاگردياڻين جي ڀرسان بيٺل ۽ ڊانس ڪندي ڏسي سگھجن ٿا يونيورسٽي پاران سوشل پيج تي معاملي بابت وضاحتي بيان جاري ڪندي ڄاڻايو ويو ته شاگردن معافي ورتي آھي پر ان باوجود جاچ ڪميٽي جوڙي آھي رپورٽ اچڻ بعد وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي زرعي يونيورسٽي عمرڪوٽ ڪئمپس انتظاميه پاران پرو وائيس چانسيلر زرعي يونيورسٽي عمرڪوٽ ڪئمپس جي ھدايتن تي جوڙيل جاچ ڪميٽي ۾ ذوالفقار مري محمد نواز ميربحر ۽ شعيب احمد ھڪڙو شامل آھن شاگرد علي جان مري اڳ ئي سوشل پيج تي معافي وٺي چڪو آھي جڏھن ته عوامي حلقن عمرڪوٽ ڪئمپس ۾ گرلس شاگردن لاء الڳ بس سروس شروع ڪرڻ جو پڻ مطالبو ڪيو ويو آھي ٻي طرف عمرڪوٽ جي وڪيلن وفد جي صورت ۾ گڏجي ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن عمرڪوٽ جي صدر شريف ڀيل کي لکت ۾ شڪايت پيش ڪئي جنھن تي ڊسٽرڪٽ بار ايسوسئيشن عمرڪوٽ طرفان يونيورسٽي انتظاميه جي خلاف اھم نوعيت جو ٺھراء پاس ڪري اھڙن واقعن جي شديد مذمت ڪري انڪوائري ڪرڻ جي گھر ڪئي وئي آھي، ٻي پاسي زرعي يونيورسٽي ڪئمپس عمرڪوٽ جي پرو وائس چانسلر جان محمد مري سان پ پ پ ضلعي اڳواڻن برهان الدين ڪنڀر ۽ انفارميشن سيڪريٽري گهنشام داس ميٽنگ ڪئي جن گذريل ڏينهن ٿيل پوائنٽ بس واري واقعي جي ڄاڻ ورتي ۽ ذميوارن لاء ڪاروائي لاء چيو جنھن تي پرو وائيس چانسلر ٽي رڪني ڪاميٽي ٺاهي ڇڏي آھي جنهن ۾ ذوالفقار مري محمد نواز ميربحر ۽ شعيب احمد ھڪڙو شامل آھن ھوڏانھن سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ٿيڻ کان پوءِ نوجوان علي جان مري سوشل ميڊيا تي ٽڪ ٽاڪ جي وڊيو م نظر ايندڙ يونيورسٽي جي شاگردياڻين ۽ انهن جي والدين ۽ يونيورسٽي انتظاميا کان سوشل ميڊيا تي معذرت ڪري ڇڏي آھي زرعي يونيورسٽي سب ڪئمپس عمرڪوٽ جي عورتن پروفيسرن پنهنجي بيان ۾ وڊيو وائرل ڪئي وئي آهي انھي ۾ اھڙي ڪا ڳالهه ناهي ڪجهه ماڻهن اشو ٺاھيو آهي جيڪي شاگردياڻين ٽوئر تي ھليون ھيون پنهنجي والدين جي مرضي سان ھليون ھيون اسان پاڻ انهن سان گڏ ھيون شاگردياڻي ڪا شڪايت نه ڪئي آهي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
20th Feb 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪراچي ملير جون قومي سياسي ڌريون ۽ سندن مخالف ڌر جو ڪردار?
20th Feb 2026
•
سندھ
خيرپور میں ایک ماہ قبل پراسرار طور لاپتا نوجوان کی ٹکڑوں میں لاش مل گئی
20th Feb 2026
•
سندھ
نوشہرو فیروز میں نوجوان نے مبینہ طور پر خودکشی کر لی
20th Feb 2026
•
سندھ
کراچی میں ڈکیتوں کی فائرنگ سے بہرام کا نوجوان جاں بحق
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ڀرسان پوليس موبائيل حادثي جو شڪار، گٽڪي ۾ استعمال ٿيندڙ سامان هٿ
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ نوجوان بيروزگاري کان تنگ اچي مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: منزل پمپ اسٽاپ وٽ ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، هڪ ڄڻو مارجي ويو، ٻيو زخمي
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران مختلف ڪيسن ۾ گهربل جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
يونيورسٽي انتظاميه شاگردن
سنڌ زرعي يونيورسٽي ڪيمپس
عمرڪوٽ
0 تبصرے