English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
فاطمه مجيد فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي جي چيئرپرسن ۽ سليم ديدڪ وائيس چيئرمين مقرر
201 views
|
25th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
فاطمه مجيد پاران مهاڻن جي ڀلائي، ترقي ۽ ڀارتي جيلن مان قيدين جي آزادي لاءِ جدوجهد جو اعلان
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)فاطمه مجيد فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي جي چيئرپرسن طور ڪامياب ٿي وئي آهي جڏهن ته سليم ديدڪ وائيس چيئرمين چونڊجي ويو هي پهريون موقعو آهي جو سوسائٽي جي چيئرمين شپ ڪنهن عورت حوالي ڪئي وئي آهي.پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ليڊيز ونگ جي صدر فريال ٽالپر پاران چيئرپرسن لاءِ نامزد ڪيل فاطمه مجيد جي ڊائريڪٽرز ۽ عملي سان تعارفي گڏجاڻي ٿي، جنهن کانپوءِ باقاعدي طور اليڪشن عمل ڪيو ويو. 15 مان 14 ڊائريڪٽرز شريڪ ٿيا، جن هٿ کڻي فاطمه مجيد کي چيئرپرسن ۽ سليم ديدڪ کي وائيس چيئرمين چونڊيو اليڪشن ۾ ووٽ ڏيندڙ ڊائريڪٽرز ۾ شهزاد ڄاموٽ، عبدالناصر، سيد نور علي، حاجي احمد، فيصل خالد، لال بخش، عبدالستار، عبدالرشيد، محمد يوسف، سليم ديدڪ، فاطمه مجيد، محمد شڪيل ۽ ٻيا شامل هئا، جڏهن ته ڊائريڪٽر پرويز احمد غير حاضر رهيو. سيڪريٽري فشريز عمران شيخ ۽ سوسائٽي سان لاڳاپيل اهم اڳواڻ پڻ موجود هئا چونڊ عمل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ سياسي ۽ سماجي اڳواڻن ۾ سهيل ڄاموٽ، عزيز داؤد جت، پ پ پ ملير پي ايس 87 جي صدر جان عالم ڄاموٽ، چيئرمين مبارڪ سنگو ۽ مهاڻن جي تنظيمن جا اڳواڻ پڻ شرڪت ڪري چيئرپرسن فاطمه مجيد کي مبارڪون ڏنيون. ان کان اڳ کين دهل شرنائين سان چيئرمين آفيس تائين آندو ويو، جتي شاندار آجيان ڪئي وئي.مهاڻن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪنديس:چيئرپرسن بڻجڻ کان پوءِ فاطمه مجيد چيو ته هن عهدي تي ڪنهن عورت جو پهريون ڀيرو اچڻ پيپلز پارٽي جي قيادت جو تاريخي فيصلو آهي. هن بلاول ڀٽو زرداري، فريال ٽالپر ۽ ٻين اڳواڻن جا ٿورا مڃيا.فاطمه مجيد چيو ته هوءَ مهاڻن جي ڀلائي، سندن ترقي ۽ عالمي سطح تي کين عزت ڏيارڻ لاءِ جدوجهد ڪندي. هن ٻڌايو ته سنڌ جا ڪيترائي مهاڻا ڀارتي جيلن ۾ قيد آهن ۽ هوءَ پاڻ به هڪ قيدي جي ڌيءَ آهي، تنهن ڪري قيدين جي آزادي لاءِ آواز اٿارڻ سندس اوليت آهي. هن وڌيڪ چيو ته مهاڻن جي زندگي بدلائڻ، عالمي معيار سان همڪنار ڪرڻ ۽ يورپي يونين جي پابندين جي زنجير ٽوڙڻ سندس مشن آهي اهي سڀئي چيلينجز اسان مڪمل ڪري ڏيکارينداسين.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
فاطمه مجيد فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي
0 تبصرے