نوشهروفيروز: ميونسپل ڪميٽي جو چيئرمين ڊاڪٽر ڪاشف ميمڻ جي ڳوٺ لعل لنڊ آمد

ڊاڪٽر ڪاشف ميمڻ گذريل ڏينهن مبينا حادثي ۾ فوت ٿييل 3سالا وجدان لاشاري جي وارثن سان تعزيت ڪئي

نوشهروفيروز: ميونسپل ڪميٽي جو چيئرمين ڊاڪٽر ڪاشف ميمڻ جي ڳوٺ لعل لنڊ آمد

نوشهروفيروز (ڊ ر) ميونسپل ڪميٽي نوشهروفيروز جو چيئرمين ڊاڪٽر ڪاشف ميمڻ ڳوٺ لعل لنڊ پهتو جتي هن گذريل ڏينهن مبينا حادثي ۾ فوت ٿي ويل ٽي سالا نينگر وجدان لاشاري جي وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته گذريل ڏينهن ڳوٺ لعل بخش لنڊ واسي معصوم ٻارڙو فوت ٿيڻ وارو واقعو حادثو هيو جنهن ناليء ۾ نينگر ڪريو هو اها صاف ۽ ننڍي هئي پر ميڊيا جي ڪجهه نمائندن پاران ان واقعي کي غلط رنگ ڏئي ميونسپل انتظاميه جي لاپرواهي جو رنگ ڏنو ويو آهي جنهن ۾ ڪا به صداقت نه آهي هن چيو ته منهنجي نينگر جي والدين سان ملاقات ٿي آهي جن به ٻڌايو ته سندن نينگر حادثاتي طور فوت ٿيو آهي ان ڪري ميڊيا جا دوست ان واقعي جي صحيع رپورٽنگ ڪن پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ بي بنياد خبرون نه هلائن مان ڪنهن جي به بليڪ ميلنگ ۾ نه ايندس.