شڪارپور: 12 انساني جانيون ڳڙڪائيندڙ ڀيا ۽ ممڻاڻي معرفاڻي تڪرار جي خاتمي لاءِ ميڙ منٿ قافلو پهتو

ميڙ منٿ قافلو اڳوڻي وفاقي وزير عابد خان ڀيو ۽ صوبائي صلاحڪار مير بابل خان ڀيو وٽ پھتو

شڪارپور: 12 انساني جانيون ڳڙڪائيندڙ ڀيا ۽ ممڻاڻي معرفاڻي تڪرار جي خاتمي لاءِ ميڙ منٿ قافلو پهتو

شڪارپور(احسان ابڙو) شڪارپور جاڳڻ لڳ جھان واھ ٿاڻي حد ۾ 12 انساني جانيون ڳڙڪائيندڙ ڀيا ۽ ممڻاڻي معرفاڻي ڌرين ۾ تڪرار جي خاتمي لاءِ ميڙ منٿ قافلو جاڳڻ واري علائقي ۾ ڪوٽ الطاف ۾ پ پ شڪارپور جي ضلعي صدر اڳوڻي وفاقي وزير مير عابد خان ڀيو ۽ صوبائي صلاحڪار مير بابل خان ڀيو وٽ پھتو، قافلي ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل چيئرمين ذوالفقار خان ڪماريو، سردار مقبول احمد شيخ، فراز امتياز شيخ، درگاھ ٻڍل فقير جو سائين ثناءُﷲ مست مقيم، جي.يو.آءِ اڳواڻ امير علي خان جتوئي، سردار اختر کونھارو، ڪامران خان مھر سميت ٻيا چڱا مڙس ۽ معزز شخصيتون شامل ھئا، صوبائي صلاحڪار مير بابل خان ڀيو ميڙ منٿ قافلي کي مان ڏيندي فيصلي لاءِ راضي ٿي ويو، ان موقعي تي صوبائي صلاحڪار مير بابل خان ڀيو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان ڀين جو معرفاڻين سان ڪو به جھيڙو ناهي اسانجو جھيڙو صرف ممڻاڻي معرفاڻي جي ھڪ ٽولي سان آهي، باقي معرفاڻي برادري جا 17 پاڙا اسان ڀين سان گڏ آهن، ان چيو ته اسان معرفاڻين جا آهيون ۽ معرفاڻي اسان جا آهن، ان وڌيڪ چيو ته ان فيصلي جي حوالي سان پنهنجا سڀ اختيار سردار چنگيز خان پنھور ۽ ٻين اميرن کي ڏيئي ڇڏيا آهن.