English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
تازين برساتن ملير جي سامونڊي پٽي تي آباد مهاڻن جا سور ٻيڻا ڪري ڇڏيا
views
|
22nd Aug 2025
•
سنڌي خبرون
يوسي چشمہ ۽ ريڙھي ڳوٺ جي جت پاڙي سميت ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ ٽن ڏينهن کان برسات جو پاڻي گهرن اندر بيٺل
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) تازين برساتن ملير جي سامونڊي پٽي تي آباد مهاڻن جا سور ٻيڻا ڪري ڇڏيا آهن يوسي چشمہ ۽ ريڙھي ڳوٺ جي جت پاڙي سميت ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ ٽن ڏينهن کان برسات جو پاڻي گهرن اندر بيٺل آهي جنهن سبب رهواسين جي زندگي عذاب بڻجي وئي آهي رهواسي مهاڻن جو چوڻ آهي ته نه پيئڻ لاءِ صاف پاڻي آهي نه ئي بنيادي سهولتون، جڏهن ته پاڻي بيهجي وڃڻ سبب بيمارين پکڙڻ جا خطرا به وڌي ويا آهن سندن چوڻ هو ته چونڊن وقت ته چيئرمين، وائس چيئرمين ۽ صوبائي اميدوار ووٽ وٺڻ لاءِ گهرن تائين پهچن ٿا پر جڏهن اسان ٻڏي وڃون ٿا تڏهن ڪو به حال پڇڻ وارو ناهي.ڳوٺاڻن ابن جت، حسين جت، لالو جت ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته ڏکئي وقت ۾ سماجي اڳواڻ محمد بخش جت متاثر خاندانن تائين پهتو ۽ کين کاڌ خوراڪ پهچائي آھي محمد بخش جت جو چوڻ هو ته هي غريب ماڻهو هر سال برسات ۾ ٻڏن ٿا، پر حڪومت ۽ چونڊيل نمائندا رڳو تماشو ڏسن ٿا. حڪومت کي گهرجي ته برسات کان اڳ نيڪال جا بندوبست ڪري، پاڻي ڪڍڻ لاءِ مشينون لڳائي ۽ متاثرن کي راشن فراهم ڪري هن وڌيڪ چيو ته هي ماڻهو شهر کي مڇي ڏئي کارائين ٿا، پر جڏهن پاڻ مصيبت ۾ هجن ٿا ته حڪومت ۽ نمائندا کين وساري ڇڏين ٿا. سماجي اڳواڻ موجب، علائقي جا رضاڪار پنهنجي وس آهر مدد پيا ڪن، پر اصل ذميواري وڏو وزير، ضلعي انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن تي آهي ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو آهي ته وڏو وزير ۽ لاڳاپيل اختيارين کي فوري نوٽيس وٺڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ هو سخت احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿيندا يوسي چشمہ ۽ ريڙھي ڳوٺ جي جت پاڙي سميت ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ ٽن ڏينهن کان برسات جو پاڻي گهرن اندر بيٺل برسات جو پاڻي گهرن ۾ بيٺل آهي جنهن ڪري عذاب ۾ مبتلا آهيون، پيئڻ جي لاءِ صاف پاڻي ناهي: مهاڻا ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) تازين برساتن ملير جي سامونڊي پٽي تي آباد مهاڻن جا سور ٻيڻا ڪري ڇڏيا آهن يوسي چشمہ ۽ ريڙھي ڳوٺ جي جت پاڙي سميت ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ ٽن ڏينهن کان برسات جو پاڻي گهرن اندر بيٺل آهي جنهن سبب رهواسين جي زندگي عذاب بڻجي وئي آهي رهواسي مهاڻن جو چوڻ آهي ته نه پيئڻ لاءِ صاف پاڻي آهي نه ئي بنيادي سهولتون، جڏهن ته پاڻي بيهجي وڃڻ سبب بيمارين پکڙڻ جا خطرا به وڌي ويا آهن سندن چوڻ هو ته چونڊن وقت ته چيئرمين، وائس چيئرمين ۽ صوبائي اميدوار ووٽ وٺڻ لاءِ گهرن تائين پهچن ٿا پر جڏهن اسان ٻڏي وڃون ٿا تڏهن ڪو به حال پڇڻ وارو ناهي.ڳوٺاڻن ابن جت، حسين جت، لالو جت ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته ڏکئي وقت ۾ سماجي اڳواڻ محمد بخش جت متاثر خاندانن تائين پهتو ۽ کين کاڌ خوراڪ پهچائي آھي محمد بخش جت جو چوڻ هو ته هي غريب ماڻهو هر سال برسات ۾ ٻڏن ٿا، پر حڪومت ۽ چونڊيل نمائندا رڳو تماشو ڏسن ٿا. حڪومت کي گهرجي ته برسات کان اڳ نيڪال جا بندوبست ڪري، پاڻي ڪڍڻ لاءِ مشينون لڳائي ۽ متاثرن کي راشن فراهم ڪري هن وڌيڪ چيو ته هي ماڻهو شهر کي مڇي ڏئي کارائين ٿا، پر جڏهن پاڻ مصيبت ۾ هجن ٿا ته حڪومت ۽ نمائندا کين وساري ڇڏين ٿا. سماجي اڳواڻ موجب، علائقي جا رضاڪار پنهنجي وس آهر مدد پيا ڪن، پر اصل ذميواري وڏو وزير، ضلعي انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن تي آهي ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو آهي ته وڏو وزير ۽ لاڳاپيل اختيارين کي فوري نوٽيس وٺڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ هو سخت احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿيندا
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
28th Sep 2025
•
سندھ
پاکستانی بزنس ٹائیکونز اور سماجی رہنماؤں کی شاندار خدمات — معیشت، سرمایہ کاری اور قومی یکجہتی میں اہم کردار
28th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
پاکستان کے معروف سوشل میڈیا فنکار، شاہد شہباز المعروف "بلوشی ویلاگ" کی کاميابی کا سفر
28th Sep 2025
•
سندھ
جس نے لاہور نہیں دیکھا وہ پیدا ہی نہیں ہوا،کراچی کے چار رکنی طلبہ کے وفد کا مطالعاتی دورہ لاہور
26th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سرڪاري ملازمن جي پينشن تي به حڪمرانن جي بي حسي ..!!
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
پ پ سدائين درواڙن قبيلن جي حقن کي تسليم ڪندي نمائندگي ڏني آهي: ڪملا ڀيل
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ڊاڪٽر شام سندر آڏواڻي جي صوبائي صلاحڪار ٿيڻ تي مٺايون ورهايون ويون
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: قومي شاهراهه تي حادثي ۾ معصوم ٻارڙي سميت 2 ڄڻا فوت، 5 زخمي
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ حڪومت سرڪاري ملازمن جو معاشي قتل بند ڪري، پ پ ملازمن سان ڊبل پاليسي کيڏي رھي آھي: اياز لطيف پليجو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير
سامونڊي پٽي
مهاڻن جا سور
0 تبصرے