English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ايڪسپريس وي برسات جي سٽ نه سهي سگهيو، افتتاح جي ڪجهه ئي ڏينهن ۾ ٽٽي پيو
50 views
|
21st Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڳري رقم سان ٺهيل ملير ايڪسپريس وي (شاهراهه ڀٽو) برسات جا پهريان ئي وسڪارا برداشت نه ڪري سگهيو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ڳري رقم سان ٺهيل ملير ايڪسپريس وي (شاهراهه ڀٽو) برسات جا پهريان ئي وسڪارا برداشت نه ڪري سگهيو افتتاح جي صرف ڪجهه ڏينهن گذرڻ بعد ئي روڊ هنڌان هنڌان ٽٽي خطرناڪ ڏار پئجي ويا آهن جنهن سبب سفر غير محفوظ بڻجي ويو آهي 39 ڪلو ميٽر ڊگهو هي منصوبو قيوم آباد لڳ ڄام صادق پل کان شروع ٿي ملير ندي جي ڪناري سان هلي ايم 9 موٽر وي تائين وڃي ٿو۔ ايڪسپريس وي جي تعمير لاءِ ابتدائي طور 24 ارب روپيا مختص ڪيا ويا هئا، پر بجيٽ وڌي 44 ارب روپين تائين پهتي هن رٿا کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت تعمير ڪيو ويو، جڏهن ته ٻنهي ڪيريجي ويز جي ويڪر 36،36 فوٽ ۽ اوچائي 40 کان 50 فوٽ رکي وئي آهي۔شهرين هن اهم شاهراهه جي ٽٽڻ ۽ ڏار پوڻ تي افسوس ۽ حيرت جو اظهار ڪيو آهي۔ هن سلسلي ۾ اعتبار جيعن ذريعن انڪشاف ڪيو آهي ته ايڪسپريس وي جي ندي واري حصي ۾ حفاظتي پٿر نه رکڻ جي ڪري روڊ کي نقصان پهتو آهي ۽ جيڪڏهن حفاظتي ڪم نه ڪيو ويو ته وڌيڪ نقصان به ٿي سگهي ٿو ذريعن وڌيڪ ڄاڻ ڏني آهي ته هن مهانگي روڊ جو افتتاح سنڌ حڪومت جي تڪڙ سبب وقت کان اڳ ڪيو ويو، جنهن ڪري ڪم ۾ خلل پيدا ٿيو، جنهن بابت تعميراتي ڪمپنين کي آگاهه ڪيو ويو آهي۔ٻئي طرف شهرين احتجاج ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته روڊ کي فوري طور تي مضبوط ۽ پائيدار بڻايو وڃي ته جيئن ڪنهن به وڏي حادثي کان بچي سگهجي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نقاب پر ہاتھ — آزادی، وقار اور انسانیت پر حملہ
19th Dec 2025
•
سندھ
کے وی ٹی سی کے چیمپیئنز کی نیپال میں8بین الاقوامی تمغوں کے ساتھ کامیابی
18th Dec 2025
•
تازہ ترین
سینئر صحافی مشتاق سرکی کا بھائی آفاق سرکی بازیاب ہو گیا
18th Dec 2025
•
تازہ ترین
آفاق سرکی بازیاب نہ ہوئے، مشتاق سرکی نے حکومت کو 72 گھنٹے کی مہلت دی
19th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نقاب پر ہاتھ — آزادی، وقار اور انسانیت پر حملہ
19th Dec 2025
•
سندھ
کے وی ٹی سی کے چیمپیئنز کی نیپال میں8بین الاقوامی تمغوں کے ساتھ کامیابی
18th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
پيپلز پارٽي اقتدار ۾ اچي سنڌي ماڻھن جي اميدن جي برخلاف ڪم ڪيو آھي: اياز لطيف پليجو
18th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ويجهو ٺٽ ڳوراهو ۾ مفت اکين جي ڪيمپ قائم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير ايڪسپريس وي
0 تبصرے