English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ايڪسپريس وي برسات جي سٽ نه سهي سگهيو، افتتاح جي ڪجهه ئي ڏينهن ۾ ٽٽي پيو
156 views
|
21st Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڳري رقم سان ٺهيل ملير ايڪسپريس وي (شاهراهه ڀٽو) برسات جا پهريان ئي وسڪارا برداشت نه ڪري سگهيو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ڳري رقم سان ٺهيل ملير ايڪسپريس وي (شاهراهه ڀٽو) برسات جا پهريان ئي وسڪارا برداشت نه ڪري سگهيو افتتاح جي صرف ڪجهه ڏينهن گذرڻ بعد ئي روڊ هنڌان هنڌان ٽٽي خطرناڪ ڏار پئجي ويا آهن جنهن سبب سفر غير محفوظ بڻجي ويو آهي 39 ڪلو ميٽر ڊگهو هي منصوبو قيوم آباد لڳ ڄام صادق پل کان شروع ٿي ملير ندي جي ڪناري سان هلي ايم 9 موٽر وي تائين وڃي ٿو۔ ايڪسپريس وي جي تعمير لاءِ ابتدائي طور 24 ارب روپيا مختص ڪيا ويا هئا، پر بجيٽ وڌي 44 ارب روپين تائين پهتي هن رٿا کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت تعمير ڪيو ويو، جڏهن ته ٻنهي ڪيريجي ويز جي ويڪر 36،36 فوٽ ۽ اوچائي 40 کان 50 فوٽ رکي وئي آهي۔شهرين هن اهم شاهراهه جي ٽٽڻ ۽ ڏار پوڻ تي افسوس ۽ حيرت جو اظهار ڪيو آهي۔ هن سلسلي ۾ اعتبار جيعن ذريعن انڪشاف ڪيو آهي ته ايڪسپريس وي جي ندي واري حصي ۾ حفاظتي پٿر نه رکڻ جي ڪري روڊ کي نقصان پهتو آهي ۽ جيڪڏهن حفاظتي ڪم نه ڪيو ويو ته وڌيڪ نقصان به ٿي سگهي ٿو ذريعن وڌيڪ ڄاڻ ڏني آهي ته هن مهانگي روڊ جو افتتاح سنڌ حڪومت جي تڪڙ سبب وقت کان اڳ ڪيو ويو، جنهن ڪري ڪم ۾ خلل پيدا ٿيو، جنهن بابت تعميراتي ڪمپنين کي آگاهه ڪيو ويو آهي۔ٻئي طرف شهرين احتجاج ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته روڊ کي فوري طور تي مضبوط ۽ پائيدار بڻايو وڃي ته جيئن ڪنهن به وڏي حادثي کان بچي سگهجي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th May 2026
•
تازہ ترین
پی ٹی آئی بانی پر تشدد کے باعث اُن کی ایک آنکھ ضائع ہو گئی؟
14th May 2026
•
تازہ ترین
امریکا نے چوری شدہ قدیم مجسمے اور نوادرات پاکستان کے حوالے کر دیے
14th May 2026
•
سندھ
لاہور سے کراچی تک منشیات اسمگلنگ، پنکی نے بسوں اور موبائل ایپس کے ذریعے کروڑوں کی لین دین کے راز افشا کر دیے
14th May 2026
•
سندھ
”اسپیکر سے اختلافات اور پارٹی میں دھڑے بندی کا تاثر غلط ہے“ نثار کھوڑو نے جیالوں کو سوشل میڈیا پر بیان بازی سے روک دیا
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي ۾ ڪاروڪاري ۽ حراسمينٽ واقعن توڙي جرڳا سسٽم خلاف ريلي ڪڍي وئي
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
شهدادپور ڀرسان ڳوٺ کٻڙ کاهو واسين جو پي پي ايل انتظاميه ۽ بااثرن خلاف ڌرڻو
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
28 آئيني ترميم ذريعي تڪراري ڪينالن جي نئين سر تعمير، سنڌ جي وحدت، پاڻي، وسيلن ۽ صوبائي خودمختياري تي حملو ٿيو تہ نتيجو خراب نڪرندو: اياز لطيف پليجو
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
مورو ۾ پرائمري استاد جو ناٺي خلاف احتجاجي مظاهرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير ايڪسپريس وي
0 تبصرے