English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ برسات جو ٻيو ڏينهن، زندگي مفلوج, سڪڻ ندي م فاٿل اٺن ڳوٺاڻن کي بچايو ويو
189 views
|
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ملير، ميمن ڳوٺ، گڏاپ، درساڻو ڇنو، گھگھر پپري، سومار ڳوٺ، عمر ماروي ڳوٺ ۽ سعود آباد سميت ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ڪراچي ۾ ٻئي ڏينهن به برسات جو سلسلو جاري رهيو، جنهن سبب شهر جو نظام زندگي مفلوج ٿي ويو آهي. ملير، ميمن ڳوٺ، گڏاپ، درساڻو ڇنو، گھگھر پپري، سومار ڳوٺ، عمر ماروي ڳوٺ ۽ سعود آباد سميت ڪيترائي هيٺاهين علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، گهٽيون ۽ روڊ تلاءَ جو منظر پيش ڪرڻ لڳا.مسلسل برسات سبب ڪيترن علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي، جڏهن ته اهم شاهراهن تي ٽريفڪ جام ۽ پاڻي بيهجي وڃڻ ڪري آمد و رفت سخت متاثر ٿي. ضلعي انتظاميا رين ايمرجنسي لاڳو ڪري ريسڪيو ٽيمون متحرڪ ڪري ڇڏيون آهن، جڏهن ته شهرين کي غير ضروري سفر کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. تعليمي ادارا بند رهيا ۽ هوائي اڏن تي اڏامن جو شيڊول به متاثر ٿيو. انتظاميا جو چوڻ آهي ته برسات متاثر شهرين لاءِ هيلپ لائينون فعال ڪيون ويون آهن ۽ نيڪاسيءَ لاءِ هنگامي قدم کنيا پيا وڃن. ساڳئي وقت ملير جي علائقي درساڻو ڇنو ڀرسان سکن ندي ۾ آٺ ماڻهو ڦاسي پيا. برسات کان پوءِ ندي ۾ تيز وهڪرن ۽ طغياني سبب صورتحال سنگين ٿي وئي. اکين شاهدن موجب اطلاع ڏيڻ باوجود سرڪاري ريسڪيو ٽيم وقت تي نه پهتي، جڏهن ته مقامي ماڻهن رسين ۽ ڪاٺين جي مدد سان پنهنجي مدد پاڻ تحت متاثر ماڻهن کي محفوظ هنڌ منتقل ڪيو. ان کانسواءِ سومار ڳوٺ ۾ بادل نالي ۾ ٻه مينهون ڪري مري ويون. . عوامي حلقن انتظاميا کان مطالبو ڪيو آهي ته هنگامي حالتن ۾ فوري ريسڪيو رسپانس کي يقيني بڻايو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير
ڪراچي ۾
برسات جو سلسلو
0 تبصرے