English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ حڪومت جي ممتا پروگرام بابت شڪارپور ضلعي جي ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي گڏجاڻي
254 views
|
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ( احسان ابڙو ) سنڌ حڪومت جي ممتا پروگرام بابت شڪارپور ضلعي جي ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي گڏجاڻي ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ ٿي گذري.تفصيل موجب سنڌ حڪومت جي ممتا پروگرام بابت شڪارپور ضلعي جي ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي گڏجاڻي ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ ٿي گذري. جنهن جي صدارت ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو چيو ته "ممتا پروگرام" جو بنيادي مقصد ماءُ ۽ ٻار جي ذھني ۽ جسماني واڌ ويجھ ۾ سھائتا فراھم ڪرڻ آھي. ممتا پروگرام تحت ڳورهاري عورتن کي مالي سھائتا پڻ فراهم ڪئي وڃي ٿي ته جيئن هوءَ پنهنجي حمل دوران ٽرانسپورٽ استعمال ذريعي ويجھي اسپتال ۾ طبي چڪاس ۽ محفوظ ويم ڪرائي سگھن. هن چيو ته "ممتا پروگرام" سنڌ حڪومت جو هڪ ساراھ جوڳو قدم آهي، جيڪو معاشري ۾ ماءُ ۽ ٻار جي ڀلائي لاءِ نئين راھ هموار ڪندو، هن وڌيڪ چيو ته ممتا پروگرام جي ڪاميابي لاءِ سمورا اسٽيڪ ھولڊرز اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو ھدايت جاري ڪئي تہ ممتا پروگرام تحت ملندڙ رقمون بنا ڪنهن ڪٽوتي جي بنا دير عورتن کي ملڻ گهرجن. گڏجاڻي دوران لاڳاپيل عملدارن پاران ممتا پروگرام جي اثرائتي عملداري بابت مختلف رٿون پڻ پيش ڪيون ويون. گڏجاڻي ۾ سنڌ حڪومت جي ممتا پروگرام بابت ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر زاهد حسين ڏھوٽ پروگرام متعلق تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته عالمي بينڪ جي تعاون سان صوبي سنڌ جي 15 ضلعن ۾ ممتا پروگرام ڪاميابي سان جاري آهي ۽ ضلعي شڪارپور جي 31 صحت مرڪزن تي اها سهولت موجود آهي. ضلعي ۾ 38 هزار عورتون پروگرام ۾ شامل ٿي چڪيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته پروگرام ۾ رجسٽر ٿيل عورتن کي پاليسي موجب مالي سھائتا ادا ڪئي ويندي آهي ۽ اها رقم بينڪ الفلاح جي ايجنٽس ذريعي ڏني وڃي ٿي. ڪنهن به ڪٽوتي يا پروگرام متعلق شڪايت جي صورت ۾ هيلپ لائن 1054 يا ويب سائيٽ www.sspa.gos.pk تي پڻ شڪايت ڪري سگهجي ٿي. هن چيو ته ممتا پروگرام تحت رجسٽرڊ عورتن کي ھدايت ڏني ته هو پنهنجا پيسا بينڪ الفلاح جي مقرر ڪيل ڊوائس هولڊرن مان ڪنهن کان به پيسا بنا ڪنهن ڪٽوتي جي حاصل ڪري سگھن ٿيون. گڏجاڻي ۾ نادرا ۽ لوڪل گورنمينٽ ڊپارٽمينٽ کي ممتا جي ڪلائنٽس کي ترجيحي بنيادن تي سروس مهيا ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي وئي. گڏجاڻي ۾ ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ڊاڪٽر نادر علي پنهور، ڊسٽرڪٽ مينيجر پي پي ايڇ آئي حيدر علي شاھ، اين اسٽاپ، ڊبليو ايڇ او جي نمائندن، آر ايم اين سي ايڇ، فوڪل پرسن اي پي آئي، ڊپٽي ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ، ڊپٽي ڊائريڪٽر نادرا، سرسو ڪوآرڊينيٽر ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر پڻ موجود هئا
1
تبصرے
10 months ago
ڪوثر ماروي
ممتا پروگرام
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
شڪارپور
ممتا پروگرام
1 تبصرے
ڪوثر ماروي