English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ حڪومت جي ممتا پروگرام بابت شڪارپور ضلعي جي ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي گڏجاڻي
views
|
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ( احسان ابڙو ) سنڌ حڪومت جي ممتا پروگرام بابت شڪارپور ضلعي جي ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي گڏجاڻي ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ ٿي گذري.تفصيل موجب سنڌ حڪومت جي ممتا پروگرام بابت شڪارپور ضلعي جي ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي گڏجاڻي ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ ٿي گذري. جنهن جي صدارت ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو چيو ته "ممتا پروگرام" جو بنيادي مقصد ماءُ ۽ ٻار جي ذھني ۽ جسماني واڌ ويجھ ۾ سھائتا فراھم ڪرڻ آھي. ممتا پروگرام تحت ڳورهاري عورتن کي مالي سھائتا پڻ فراهم ڪئي وڃي ٿي ته جيئن هوءَ پنهنجي حمل دوران ٽرانسپورٽ استعمال ذريعي ويجھي اسپتال ۾ طبي چڪاس ۽ محفوظ ويم ڪرائي سگھن. هن چيو ته "ممتا پروگرام" سنڌ حڪومت جو هڪ ساراھ جوڳو قدم آهي، جيڪو معاشري ۾ ماءُ ۽ ٻار جي ڀلائي لاءِ نئين راھ هموار ڪندو، هن وڌيڪ چيو ته ممتا پروگرام جي ڪاميابي لاءِ سمورا اسٽيڪ ھولڊرز اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو ھدايت جاري ڪئي تہ ممتا پروگرام تحت ملندڙ رقمون بنا ڪنهن ڪٽوتي جي بنا دير عورتن کي ملڻ گهرجن. گڏجاڻي دوران لاڳاپيل عملدارن پاران ممتا پروگرام جي اثرائتي عملداري بابت مختلف رٿون پڻ پيش ڪيون ويون. گڏجاڻي ۾ سنڌ حڪومت جي ممتا پروگرام بابت ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر زاهد حسين ڏھوٽ پروگرام متعلق تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته عالمي بينڪ جي تعاون سان صوبي سنڌ جي 15 ضلعن ۾ ممتا پروگرام ڪاميابي سان جاري آهي ۽ ضلعي شڪارپور جي 31 صحت مرڪزن تي اها سهولت موجود آهي. ضلعي ۾ 38 هزار عورتون پروگرام ۾ شامل ٿي چڪيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته پروگرام ۾ رجسٽر ٿيل عورتن کي پاليسي موجب مالي سھائتا ادا ڪئي ويندي آهي ۽ اها رقم بينڪ الفلاح جي ايجنٽس ذريعي ڏني وڃي ٿي. ڪنهن به ڪٽوتي يا پروگرام متعلق شڪايت جي صورت ۾ هيلپ لائن 1054 يا ويب سائيٽ www.sspa.gos.pk تي پڻ شڪايت ڪري سگهجي ٿي. هن چيو ته ممتا پروگرام تحت رجسٽرڊ عورتن کي ھدايت ڏني ته هو پنهنجا پيسا بينڪ الفلاح جي مقرر ڪيل ڊوائس هولڊرن مان ڪنهن کان به پيسا بنا ڪنهن ڪٽوتي جي حاصل ڪري سگھن ٿيون. گڏجاڻي ۾ نادرا ۽ لوڪل گورنمينٽ ڊپارٽمينٽ کي ممتا جي ڪلائنٽس کي ترجيحي بنيادن تي سروس مهيا ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي وئي. گڏجاڻي ۾ ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ڊاڪٽر نادر علي پنهور، ڊسٽرڪٽ مينيجر پي پي ايڇ آئي حيدر علي شاھ، اين اسٽاپ، ڊبليو ايڇ او جي نمائندن، آر ايم اين سي ايڇ، فوڪل پرسن اي پي آئي، ڊپٽي ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ، ڊپٽي ڊائريڪٽر نادرا، سرسو ڪوآرڊينيٽر ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر پڻ موجود هئا
1
تبصرے
2 months ago
ڪوثر ماروي
ممتا پروگرام
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
شڪارپور
ممتا پروگرام
1 تبصرے
ڪوثر ماروي