English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪورنگي جي مهراڻ ٽائون ۾ هوٽل مالڪن تي مبينا تشدد، ڪيس داخل
views
|
18th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عبدالباسط ميمڻ جي مدعيت ۾ پناهه لاشاري، ولي محمد لاشاري، علي حسن، واجد ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)ڪورنگي جي مهراڻ ٽائون ۾ هوٽل مالڪن کان زوري ڀتو اوڳاڙڻ جي ڪوشش ناڪام ٿيڻ تي ڀتي خورن جو هوٽل مالڪن تي حملو ۽ بدترين تشدد، رڙين تي ڀرپاسي جي ماڻهن هوٽل مالڪن کي بچايو. متاثرن هوٽل مالڪن عبدالوهاب ميمڻ عبدالقدوس ميمڻ عبدالباسط ميمڻ طرفان ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ٿاڻي تي پهچي عبدالباسط ميمڻ جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪرائي پناھ لاشاري ولي محمد لاشاري علي حسن لاشاري واجد لاشاري ۽ٻن نامعلوم ماڻهن کي جوابدار طور نامزد ڪيو پر پوليس جوابدارن خلاف ڪا به ڪاروائي نه ڪئي هوٽل مالڪن جو چوڻ آهي ته جوابدارن ساڳئي ٿاڻي تي ڪائونٽر ايف آئي آر داخل ڪرائي ۽ ملير جي سائٽ سپر هائي وي ٿاڻي تي ڪوڙو ڪيس پڻ داخل ڪرايو جنهن تحت سائٽ سپر هائي وي ٿاڻي جي پوليس ۽ انوسٽيگيشن آفيسر سادن ڪپڙن ۾ ڀتي خور جوابدارن سان گڏ ڪورنگي مھراڻ ٽائون ۾ هوٽل تي پهچي هوٽل مالڪ عبدالوهاب ميمڻ کي زوري اغوا ڪيو جنهن جي ويڊيو اتي بيٺل ماڻهن ڀري ورتي هنن چيو ته ايس ايچ او سائٽ سپر هائي وي خالد عباسي اسان کي ڌڪا ڏئي ٿاڻي مان ٻاهر ڪڍيو ۽ ڳري رشوت جي گهر ڪئي ڪراچي هوٽلز اونرز ايسوسيئيشن جي اڳواڻن عوامي پريس ڪلب ملير ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ ميمڻ برادري جون ٻه سو کان وڌيڪ هوٽلون هلن ٿيون، جيڪي پرامن ۽ ڪاروباري ڪميونٽي آهن، پر ڀتي خورن جي لڳاتار حملن سبب هو عزت بچائن يا ڪاروبار، ٻنهي ۾ مشڪل ۾ اچي ويا آهن.اڳواڻن صدر غلام مرتضيٰ ميمڻ، جنرل سيڪريٽري حاجي الطاف ميمڻ، سينيئر نائب صدر زاهد حسين ميمڻ، فرحان ميمڻ ۽ ٻين مطالبو ڪيو ته ڪورنگي ۽ سائٽ سپر هائي وي ملير جي ايس ايچ اوز خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ حملي آور ڀتي خور پناھ لاشاري، ولي محمد لاشاري، علي لاشاري ۽ ٻين کي فوري گرفتار ڪيو وڃي.هنن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن تحفظ نه ڏنو ويو ته هوٽل مالڪ پنهنجو ڪاروبار بند ڪري احتجاج لاءِ رستن تي نڪرڻ تي مجبور ٿيندا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Oct 2025
•
شوبز
عریاں مواد کا الزام: ریئلٹی شو "لازوال عشق" کے خلاف عدالت میں درخواست دائر
19th Oct 2025
•
کھیل
ٹیسٹ چیمپئن کے خلاف سیریز جیتنے کا بہترین موقع ہے: اظہر محمود
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
گندم پالیسی منظور، قیمت 3500 روپے فی من مقرر
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
جنگ بندی معاہدہ خوش آئند، افغان سرزمین سے دہشتگردی کی روک تھام کے لیے اقدامات ضروری ہیں: اسحاق ڈار
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
فوجي فرٽيلائزر ڪمپني (ايف ايف سي) پورٽ قاسم طرفان سونا فٽبال ڪپ منعقد
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي ٺٽو پاران مقامي نوجوانن کي روزگار ۾ اوليت ڏيڻ جي هدايت
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز: قومي شاهراهه تي خوفناڪ حادثو، 8 ڄڻا زخمي
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: سي آءِ اي پوليس پاران ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير
ڪورنگي جي مهراڻ ٽائون ۾ هوٽل
0 تبصرے