English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: ريڙهي ڳوٺ ۾ معصوم ٻارڙو کليل گٽر ۾ ڪِري پيو
views
|
17th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
نينگر جي رڙين تي پاڙيوارن پهچي کيس ٻاهر ڪڍي حياتي بچائي ورتي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ريڙهي ڳوٺ ڀرسان صديق خاصخيلي ڳوٺ ۾ هڪ وڌيڪ ٻارڙو کليل گٽر ۾ ڪري پيو ان سلسلي معلوم ٿيو آهي ته شهزاد ولد شاهنواز سوڍر کيڏندي اوچتو گهر ڀرسان کليل گٽر ۾ ڪري پيو جنهن کي رڙين تي پاڙي وارن بچائي ورتو علائقي واسين موجب اهو پهريون حادثو ناهي، ان کان اڳ ميمڻ ڳوٺ، گهگهر سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ معصوم ٻارڙا کليل گٽرن ۾ ڪري فوت ٿي چڪا آهن، پر انتظاميا جي لاپرواهي سبب هن سنجيده مسئلي جو ڪو به مستقل حل نه نڪتو آهي ابراهيم حيدري ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن جي يوسي ريڙهي ۾ ڪيترائي گٽر بنا ڍڪڻ جي کليل پيل آهن، جيڪي علائقي واسين لاءِ موت جا کوهه بڻيل آهن۔ رهواسين جو چوڻ آهي ته اربين روپين جو بجيٽ هئڻ باوجود انتظاميا کليل گٽرن تي ڍڪ رکڻ ۾ ناڪام رهي آهي، جنهن ڪري هر وقت وڏو حادثو ٿيڻ جو خطرو رهندو آهي علائقي جي ماڻهن مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي کليل گٽرن تي مضبوط ڍڪ رکيا وڃن ۽ ذميوار عملدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، جيئن معصوم ٻارن سميت قيميتي انساني زندگيون بچائي سگهجن
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ريڙهي ڳوٺ ۾ معصوم ٻارڙو
0 تبصرے