English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ پريس ڪلب جي باني صدر پير ڏان سنگهه سوڍو جي ورسي ملهائي وئي
209 views
|
17th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڇور پريس ڪلب ۾ پيرڏان سنگهه سوڍو جي سترهين ورسي تي تقريب منعقد ڪئي وئي
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر)ڇور ماھر تعليم سماج سڌارڪ سنڌ جي عاشق عمرڪوٽ پريس ڪلب جي باني صدر پيرڏان سنگھ سوڍو جي سترھين ورسي جي تقريب پيرڏان سنگھ يادگار ڪاميٽي طرفان ڇور پريس ڪلب ۾ ملھائي وئي جنهن کي صدارتي خطاب ڪندي لطيف جي پارکو ۽ نوجوان ليکڪ جام اقبال انڙ چيو تـ پيرڏان سنگھ ڌرتي جو سچو ۽ کرو عاشق ھو ھن پنهنجي پوري زندگي مختلف حوالن سان انمول ڪردار ادا ڪيا تنهن ڪري اڄ سنھري لفظن سان ياد ڪيو پيو وڃي نوجوان ليکڪ ۽ سماج سڌارڪ سردار ڀيو چيو تـ پيرڏان سنگھ استاد صحافي سماج سڌارڪ ھجڻ سان گڏ انسان ذات سان محبت ڪندڙ سچو محب وطن ھو سائين جي نالي سان لئبريري قائم ٿيڻ گھرجي ڪپئير ۽ سماجي ورڪر استاد جاويد ڪنڀر چيو تـ پيرڏان سنگھ جھڙا خوبصورت ڪردار ادا ڪندڙ ماڻهو ھئا سائين جو پ ٽ الف اندر رول ماڊل ڪردار رھيا جنهن ڪري سندس اولاد کي عزت ۽ مان ملي ٿو ليکيڪ مڪيش بارٿاڻي چيو تـ پيرڏان سنگھ ھڪ دؤر جو ھيرو ھو جنهن عمرڪوٽ پريس ڪلب جي عمارت ورتي ۽ پريس ڪلب جو آئين ٺاھيو مشڪل وقت ۾ صحافت ۽ ڌرتي سان عشق ھجڻ جي سچائي ڏيکاري اڳوڻو تعلقـ ايجوڪيشن آفيسر مراد علي مڱريو چيو پيرڏان سنگھ علائقي ۾ تعليمي شعور سان گڏ قومي ۽ سماجي جاگرتا پيدا ڪري پنهنجو خاص مقام ٺاھيو صحافي جگت ڏان چارڻ چيو ته پيرڏان سنگھ گھڻ رخي شخصيت جو مالڪ ھو سائين جي زندگي تي شعور رکندڙ دوست ڪتاب ڇپائڻ لاء ڪردار ادا ڪن پ ٽ الف جي ضلعي صدر رتن سنگھ چيو تـ بابا سائين پ ٽ الف ۽ سماج سڌارڪ ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪيو ھو جنهن جو ڦل اسان کي اڄ وڏي مان ۽ عزت سان ملي رھيو آهي شاعر فقير محسن چيو تـ سوڍا سنڌ ڌرتي جا سپوٽ پٽ آهن پيرڏان سنگھ انھن مان ھڪ آهي جنهن ڪري بھترين لفظن سان اڄ ياد ڪيو وڃي پيو پيرڏان سنگھ جي پٽ سينئر صحافي پرٿوي سوڍو چيو تـ پيرڏان سنگھ ھڪ والد سان گڏ منهنجو سٺو استاد ۽ محسن رھيو مون کي گهڻو ڪجهه سيکاريو ۽ نصيحت ڪئي تـ صحافت جي قلم کي سچ لاء استعمال ڪجان ھو وڻن پکين جانورن ۽ سنڌ ڌرتي سان عشق ڪندڙ انسان ھو تقريب کي اڌيسنگھ سوڍو چيو تـ پيرڏان سنگھ راجپوتي ريتن جو رکوالو ۽ ھميشـ اسان جي رھنمائي ڪندڙ اعلي ڪردار جو مالڪ ھو جنهن پنهنجي زندگي ۾ ڪڏهن ڪنهن کي ڏک ۽ تڪليف نـ ڏني تقريب کي نورسنڌي جانباز وساڻ ساگر شاھد ساجن ڀنڀرو وفا درجن سروپ سنگھ عمر اعجاز کيت سنگھ لالجي سوڍو خدابخش ڪنڀر ساگر زاھد ۽ ٻين پيرڏان سنگھ جي زندگي تي ڀيٽا پيش ڪئي ان موقعي ته رتن سنگھ مٺاخان ڀنڀرو وجندر سوڍو قربان منڱريو رميش ديشي شوڪت اللهبچايو انڙ انورسنگھ اڌي سنگھ ڪائونسلر احسان منڱريو ڄيٺمال سنگھ ربنواز ڪنڀر شعيب ڪنڀر ڪامريڊ اعجاز نھڙي ڊاڪٽر سوائي سنگھ مھاوير سوڍو مڌن سنگھ لجپت مھيشوري ڀرت مھيشوري نريندرسنگھ دليپ سوڍو ارجن ڪمار جيپال سوڍو امتياز منڱريو شميرسنگھ شيطان سنگھ ۽ ٻين ورسي ۾ شرڪت ڪئي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ پريس ڪلب
پير ڏان سنگهه سوڍو
ڇور پريس ڪلب ۾
0 تبصرے