عمرڪوٽ ۾ چاليهي جو ماتمي جلوس سخت سيڪيورٽي هيٺ برآمد

جلوس روايتي رستن تان ٿيندو واپس پنج پير امام بارگاهه پهتو جتي مجلس برپا ٿي

عمرڪوٽ ۾ چاليهي جو ماتمي جلوس سخت سيڪيورٽي هيٺ برآمد

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڪربلا جي ميدان ۾ امام حسين عليه السلام ۽ سندن جانثار ساٿين جي عظيم قربانين کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ چاليهي جو ماتمي جلوس مرڪزي امام بارگاهه پنج پير کان لبيڪ يا حسين جي نعري سان برآمد ٿيو، جلوس پنهنجي روايتي رستن تان ٿيندو ڪهيري امام بارگاهه، نبن سرڪار امام بارگاهه ۽ کوسا امام بارگاهه کان گذرندو قديمي سمان امام بارگاهه پهتو، جتي مختلف علائقن کان آيل ننڍا وڏا قافلا جلوس ۾ شامل ٿي هڪ وڏي جلوس جي شڪل اختيار ڪئي، قديمي سمان امام بارگاهه کان جلوس شاهي بازار تان ٿيندو مارڪيٽ چوڪ پهتو، جتي نالي واري ذاڪر مجلس عزا کي خطاب ڪيو، ان کان پوءِ جلوس الله والا چوڪ تان ٿيندو نمازِ مغرب کان پوءِ پنج پير امام بارگاهه واپس پهچي ختم ٿيو، ماتمي جلوس جي سيڪيورٽي لاءِ سخت انتظامات ڪيا ويا هئا، داخلي ۽ خارجي رستن کي مڪمل طور بند ڪيو ويو، هڪ سئو کان وڌيڪَ پوليس اهلڪار، رينجرز جا جوان، المعدي اسڪائوٽ ۽ العباس اسڪائوٽ جا رضاڪار جلوس جي نگراني ۾ موجود هئا، جلوس جي رستن تي امام حسين عليه السلام ۽ سندن جانثارن جي ياد ۾ نگر نياز ۽ سبيل جا اسٽال پڻ قائم ڪيا ويا، جڏهن ته هر طرف لبيڪ يا حسين جا نعرا گونجندا رهيا.