English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اصل شئي قوم ۽ وطن آهي ھزارين سالن کان سنڌ سنڌين جو تاريخي وطن آهي: اياز لطيف پليجو
views
|
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڪرپشن، سفارش، رشوت ۽ اقرباپروري سڄي انفراسٽرڪچر کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي. آئين ۽ قانون جي حڪمراني ناھي
حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ اصل شئي قوم ۽ وطن آهي ھزارين سالن کان سنڌ سنڌين جو تاريخي وطن آهي اسان کي سڀني انسانن سان پيار آھي پر اسان کي پنھنجي وطن سان سڀني کان وڌيڪ پيار آھي. سنڌ اسان جي آھي. سنڌ جي وحدت تي ڪو بہ وار برداشت نہ ڪنداسين. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪرپشن، سفارش، رشوت ۽ اقرباپروري سڄي انفراسٽرڪچر کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي. آئين ۽ قانون جي حڪمراني ناھي. جيڪو جيترو طاقتور آھي، اھو پنھنجا حُڪم ھلائي ٿو. مختلف ضلعا وزيرن ۽ ايم پي ايز کي جاگيرون بنائي ڏنا ويا آھن. سنڌ ۾ پيپلز پارٽي ڌاڙيل پالي رھي آھي. سنڌ جو امن امان تباھ ڪيو ويو آھي. جيڪو ماڻھو اغوا ٿئي ٿو، اھو ڀنگ ڀري بازياب ٿئي ٿو. سنڌ پوليس منشيات فروشن جي سرپرستي ۽ وزيرن کي پروٽوڪول ۾ مصرف آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي اقتدار کي بچائڻ لاءِ سنڌو درياءَ، زمينن سميت وسيلن جي سوديبازي ڪري سنڌي ماڻھن جي پٺ ۾ خنجر پئي ھڻي سنڌ کي مڪمل ختم ڪرڻ چاھي ٿي.اياز لطيف پليجي چيو تہ پ پ پ جي سنڌ دشمن فيصلن جي ڪري سنڌ گھڻ رخي مسئلن ۾ جڪڙيل آھي. ايندڙ وقت سنڌ لاءِ وڌيڪ ڏکيو آهي پيپلزپارٽي کي سنڌي ماڻهن جي تڪليفن جي ڪا بہ پرواھ نہ آھي سنڌي عوام تي تڪليفون اچڻ سان ڄڻ پيپلزپارٽي ۽ سندس ڪرپٽ سنڌ حڪومت جي لاٽري کليو وڃي اياز لطيف پليجو چيو تہ پاڻ سڀ تبديلي جي ڳالھ تہ تمام زبردست ڪندا آھيون مگر جڏھن تبديلي اچڻ واري اليڪشن جو ٽائيم ايندو آھي تہ پوء پاڻ سنڌ جي ھمدردن ھڏ ڏوکين کي ووٽ ڏيڻ بجاء ڪرپٽ، چور، ڀوتارن، سردارن ۽ سنڌ جا وسيلا وڪڻندڙ پيپلزپارٽي جي پويان ھوندا آھيون انھن کي سوڀارو ڪري ايوانن تائين پھچائيندا آھيون پوءِ واري پنج سال رڙيون دانھون ڪندا آھيون ظالم حڪمرانن سنڌ کي تباھ ڪري ڇڏيو، مھنگائي، بدامني، ميرٽ جي لتاڙ ۽ ڪرپشن اسان جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آھي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ
اياز لطيف پليجو
0 تبصرے