مولا امام حسين عه اهڙي عظيم تاريخي قرباني پيش ڪئي، جنهن جو مثال دنيا جي تاريخ ۾ نٿو ملي: علامه سيد ساجد علي شاھ
مورو (جاني جماڻي) نواسه رسول ﷺ امام حسين عليه السلام ۽ شھداءِ ڪربلا جي چاليھي جي سلسلي ۾ مورو جي مرڪزي امام بارگاھہ حسيني ۾ 72 شھيدن جي تابوتن جي زيارت ڪرائي وئي بعد ۾ انجمن حسيني اڳواڻن سيد شبير علي شاھ، جاويد مصطفي ڪانڌڙو، نذير حسين سرهيو، ڪاشف علي ٻرڙو سيد ڪاظم علي شاھ، شوڪت علي سرهيو، محمد صالح ٻرڙو غلام سرور سرهيو شير علي ۽ ٻين جي اڳواڻي م علم پاڪ ء ذوالجناح تي مشتمل سوين شيعا عزادارن سان ياحُسين ياحُسين جي صدائن سان بر آمد ٿيو۔ جيڪو شھر جي مختلف پڙن کان ٿيندو درگاھ بخاري پهتو جتي نماز مغربين باجماعت ادا ڪئي وئي بعد ۾ جلوس ميجر چونڪ مورو وٽ پھتو جتي هزارين مومنين پاران نوحي خواني تي زنجيرن زني، گرزن چاقن جو ماتم ڪيو ويو جنھن دوران ڪيترائي عزادار زخمي ٿي پيا جن کي ڊاڪٽرن پاران طبي امداد ڏئي مرھم پٽي ڪئي وئي جڏھن تہ ماتمي جلوس سينا زني جو ماتم ڪندو مين شاھي بازار جي مجلس چونڪ پھتو جتي شيعا عزادارن جي اجتماع کي خطاب ڪندي شيعا ذاڪر اهلبيت علامه ظهير الحسن آفاقي علامه سيد ساجد علي شاھ خطاب ڪندي چيو تہ مولا امام حسين عه اهڙي عظيم تاريخي قرباني پيش ڪئي، جنهن جو مثال دنيا جي تاريخ ۾ نٿو ملي. هڪ طرف ظلم جو منظر هو ته ٻئي طرف پيغمبر عليه السلام جي آل سان گڏ 72 ساٿين جي ننڍڙي جماعت جو باطل سان مقابلو ۽ ان سان جهاد تي ثابت قدمي، قرباني ۽ جان نثاري جو اهم منظر هو ۽ انهيءَ واقعي ۾ اسان جي لاءِ هزارين عبرتون ۽ حڪمتون پوشيده آهن. مولا امام حسين عه طاقت جي نشي ۾ چور، تڪبر ۽ غورور جي پيڪر يزيد پليت کي پنهنجي شجاعت ۽ بهادري سان للڪاري اهو عظيم مثال قائم ڪيو، جنهن هڪ طرف دنيا کي حيرت ۾ وڌو ته ٻئي پاسي ڪربلا جي ميدان ۾ حضرت امام حسين عه جن پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان سميت دوستن جون شهادتون پيش ڪري اسلام ۽ انسانيت کي قيامت تائين بچائيندي اسلام کي هڪ نئي زندگي عطا فرمائي اڄ ڪربلا جي بھادرن جي شهادت جي چاليهي جو ڏينهن آهي، جن ثابت ڪري ڏيکاريو ته جنگ رڳو هٿيارن ۽ ماڻهن جي تعداد سان نه پر ڏاهپ، ۽ سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ جي جذبي سان به وڙهي سگھجي ٿي. حضرت امام حسين عه جي شهادت دنيا جي سڀني محڪوم، مظلوم ماڻهن ۽ قومن کي اميد ۽ اتساهه بخشيو آهي. جنهن درس ڏنو ته حق ۽ سچ تي ڀلي ٿورائي ڇو نه هجو ڪوڙ سان مهاڏو اٽڪايو، پوءِ ڇو نه ماريا وڃو! اسلام جو علم اونچو ڪرڻ لاءِ ھر قرباني کان ھرگز نہ گھٻرايو. جڏھن ته زيارت اربعين مولانا عمران علي مري پڙهائي بعد م ماتمي جلوس مرڪزي امام بارگاھ حُسيني تي پھچي نھر ٿيو ء سيد رياض حسين شاھہ پاران اجتماعي دعا گھري آخر م آيل عزادارن کي لنگر نياز کارايو ويو. جڏھن تہ ھن ماتمي جلوس دوران سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪندي ايندڙ ويندڙ رستا بند ڪيا ويا ء ھر ايندڙ ويندڙ ماڻھن جي چرپر تي نظر رکندي تلاشي ورتي وئي مورو پوليس نفري سان گڏ روٽن جي وزٽ ڪيو ء ماتمي جلوس جي اڳيان پٺيان مورو بواءِ اوپن گروپ ء علمدار اسڪائوٽ جا رضاڪار پڻ خدمتون سرانجام ڏيندا رھيا.
0 تبصرے