English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور ۾ 78هين جشن آزادي معرقه حق جو ڏهاڙو ڀرپور نموني ملهايو ويو
views
|
14th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ( احسان ابڙو ) شڪارپور ۾ 78هين جشن آزادي (معرقه حق) 14 آگسٽ جو مکُ پروگرام ڊويزنل اسڪائوٽ هيڊ ڪواٽر ۾ ملهايو ويو، ضلع ڪائونسل چيئرمين، ڊپٽي ڪمشنر، ميونسپل ڪاميٽي چيئرمين، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون، ڊي اي او سيڪنڊري ۽ ٻين اعليٰ آفيسرن پاران قومي جهنڊو ڦڙڪايو.تفصيل موجب اڄ شڪارپور ۾ 78 هين جشن آزادي (معرقه حق) 14 آگسٽ جو مُک پروگرام ڊويزنل اسڪائوٽ هيڊ ڪواٽر ۾ ملهايو ويو. ضلع ڪائونسل چيئرمين ذوالفقار علي خان ڪماريو، ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو، ميونسپل ڪاميٽي چيئرمين فياض محمود شيخ، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ظفر عباس عباسي، ڊي اي او سيڪنڊري سيد محمد شاهه ۽ ٻين اعليٰ آفيسرن قومي جهنڊو ڦڙڪايو ۽ ھڪ ٻوٽو پڻ لڳايوـ ان موقعي تي ميونسپل ڪاميٽي چيئرمين فياض محمود شيخ چيو ته 78 هين جشن آزادي 14 آگسٽ اسانجي آزاديءَ جو ڏهاڙو آهي، جنهن کي پورو پاڪستان آزاديءَ طور ملهائيندو آهي ۽ ڪجهه ٽائيم پهريون ڀارت کي اسانجي پاڪستان جي فوج ۽ عوام شڪست ڏئي پوري دنيا ۾ رڪارڊ قائم ڪيو آهي. ضلع ڪائونسل چيئرمين سردار ذوالفقار علي خان ڪماريو چيو ته 14 آگسٽ 78 هين يوم آزادي جو ڏينهن آهي، 14 آگسٽ اسانکي وڏڙن جي تڪليفن کان بعد آزادي ملي ۽ 73 جو آئين اسان کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڏنو ۽ ڪجهه وقت پهريان جڏهن پاڪستان تي ڀارت جنگ مڙهي ته اسان جي فوج، آءِ ايس آءِ، ايم آءِ ۽ ٻين رياستي ادارن پنهنجو قربانيون ڏنيون ۽ ڀارت کي بُري شڪست ڏني ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پوري دنيا ۾ ڀارت کي وائکو ڪيو آهي ته ڀارت پاڪستان دشمن ملڪ آهي. هن چيو ته اسان جا ٻار آئنده جا معمار آهن ۽ اڳتي هلي اسانجا هي ننڍڙا ٻارڙا پاڪستان جو مستقبل بڻبا. ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو چيو ته اڄ (معرقہ حق) 14 آگسٽ آزادي جو ڏھاڙو شڪارپور ۾ ملھائي رھيا آھيون. ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور چيو ته آزادي جو قدر انهن کان پڇي سگهجي ٿو. جيڪي ان نعمت کان محروم آهن. اڄ اسان ڏسون ٿا فلسطين ـ مقبوظہ ڪشمير ۽ ٻين علائقن ۾ جيڪي ماڻهو پنهنجي آزادي کان محروم آهن ـ يقينن ھن محترم قائد اعظم محمد علي جناح ۽ علامہ اقبال جي ڪردار ۽ عمل جي ڪري پاڪستان نصيب ٿيو پاڪستان جي آزادي لاء اسان جي لکين ماڻهن قربانيون ڏنيون ۽ اھواڃان عمل ۽ سلسلو جاري آهي ـ ھن چيو ته آزادي حاصل ڪرڻ تمام ڏکيو پر ان کي برقرار رکڻ ان کان به وڌيڪ اھم ڪم آهي ـ اسان جي پاڪ افواج ـ ريبجرس ۽ ايجنسين انھن پنهنجي جانين جا نظرانا ڏئي پنهنجي خون جي ڀيٽا ڏني. ھن چيو ته انڊيا شروع کان وٺي چيو آهي ته پاڪستان نه ھجڻ گھرجي پر اسان ان کي خاڪ ۾ ملايو آهي ـ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور چيو ته انڊيا مئي جي مھيني ۾ ھڪڙو پورو فاسٽ ٽريڊ آپريشن ٿيو ۽ ان جي موج وٺي انڊيا پاڪستان کي جارحيت جو عمل شروع ڪيوـ اسان کي فخر آهي پنهنجي فوج ـ فضائيا حڪومت ۽ پنهنجي عوام تي جنهن جو ٻچو ٻچو اٿي ڪري ان جارحيت خلاف بيٺو ۽ انهن کي صدين تائين ياد رھندو پاڪستان جي آزادي ۽ استحڪام ـ ايڪي ۽ رواداري سان مان صرف ايترو چوندس جھڙي نموني سان ھي ھڪ گلدستو نظر اچي رھيو آهي اھڙي طرح پاڪستان به خوشبودار ھڪ گلن جو گلدستو آهي جنهن ۾ ھر قسم جا ماڻهو ـ عوام ٻار وڏا نه رڳو پاڪستان جي حفاظت پر ان جي ترقي ۾ به شامل ٿيندا آهن. ان موقعي تي اعلي آفيسرن ۾ پڻ ايوارڊ سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا 14 آگسٽ جي خوشي ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ھال شڪارپور ۾ ضلع چيئرمين ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي شڪارپور ۽ ٻين آفيسرن پڻ ڪيڪ ڪٽيو ويو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
28th Sep 2025
•
سندھ
پاکستانی بزنس ٹائیکونز اور سماجی رہنماؤں کی شاندار خدمات — معیشت، سرمایہ کاری اور قومی یکجہتی میں اہم کردار
28th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
پاکستان کے معروف سوشل میڈیا فنکار، شاہد شہباز المعروف "بلوشی ویلاگ" کی کاميابی کا سفر
28th Sep 2025
•
سندھ
جس نے لاہور نہیں دیکھا وہ پیدا ہی نہیں ہوا،کراچی کے چار رکنی طلبہ کے وفد کا مطالعاتی دورہ لاہور
26th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سرڪاري ملازمن جي پينشن تي به حڪمرانن جي بي حسي ..!!
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ ٿرپارڪر جو اجلاس وجئہ ساگر جي صدارت هيٺ ٿي گذريو
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ نوجوان ناري جو امڙ سميت مڙس ۽ ڏيرن خلاف احتجاج
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: موسيٰ ڳوٺ کان پي ڪي ڪمپني تائين پورهيتن ۽ ڳوٺاڻن جو احتجاجي مارچ
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ صحافي امتياز مير جي قتل خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
شڪارپور
0 تبصرے