جشن آزادي جو ڏهاڙو، ميئر ڪراچي پريس ڪلب ۾ صحافين سان گڏجي جهنڊو ڦڙڪايو

ميڊيا نه رڳو عوامي مسئلا اجاگر ڪري ٿو پر پاليسي ٺاهڻ ۾ رهنمائي جو ڪردار ادا ڪري ٿو: مرتضيٰ وهاب

جشن آزادي جو ڏهاڙو، ميئر ڪراچي پريس ڪلب ۾ صحافين سان گڏجي جهنڊو ڦڙڪايو

ڪراچي ( رپورٽر) ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ميڊيا نه رڳو عوامي مسئلا اجاگر ڪري ٿو پر پاليسي ٺاهڻ ۾ رهنمائي جو ڪردار ادا ڪري ٿو هڪ باشعور عوام ۽ حڪومت جي وچ ۾ موثر رابطي جو ذريعو بڻجي ٿو شهر جي ترقي لاء ميڊيا جي هاڪاري تنقيد ۽ آجيان ڪئي ويندي، اهڙن خيالن جو اظهار هن خميس تي پاڪستان جي 78 آزادي جي موقعي تي ڪراچي پريس ڪلب ۾ جهنڊو چاڙهڻ ۽ ڪيڪ ڪٽڻ کان پوءِ ڪراچي پريس ڪلب جي سينئر صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو ان موقعي تي پريس ڪلب جو صدر فاضل جميلي نائب صدر ارشاد کوکر سيڪريٽري سهيل افضل خان خزانچي عمران ۽ جوائنٽ سيڪريٽري محمد منصف گورنر باڊي جا ميمبر عبدالحفيظ بلوچ مونا صديقي ڪفيل احمد حماد حسن محمد فاروق ، مشهور بزنس مين ۽ پ پ جو قومي اسيمبلي ميمبر اختيار بيگ ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان سرفراز احمد به موجود هو ڪراچي پريس ڪلب پاران تقريب ۾ پريس ڪلب جي ميمبر سندس گهر ڀاتي ۽ صحافين وڏي انگ م شرڪت ڪئي مرتضي وهاب ٻين مهمانن سان گڏ جهنڊو چاڙهيو ۽ ڪيڪ ڪٽيو ڪراچي پريس ڪلب جي ميمبرن پاران بيج ۽ قومي جهنڊا ورهايا ويا تقريب ۾ قومي گيتن جا مقابلا ٿيا جنهن ۾ پريس ڪلب ميمبرن جي ٻارڙن جو مقابلو ٿيو تقريب ۾ پوليس بينڊ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو جشن آزادي جي موقعي تي ڪراچي پريس ڪلب کي سينگاريو ويو هو تقريب ۾ شريڪ ٻارڙن تقريب جي اهتمام تي خوشي جو اظهار ڪيو ڳالهه ٻولهه ڪندي ميئر ڪراچي چيو ته سيوريج ٽريٽمينٽ پلانٽ هارون آباد مان جلد 20 ايم جي ڊي سيوريج کي ٽريٽ ڪرڻ کان پوءِ ڪارخانن کي فراهمي شروع ڪئي ويندي ڊي ايڇ اي جي لاءِ 10 ايم جي ڊي پاڻي جي لائين الگ وڇائي ٿي وڃي جڏهن ته سمنڊ سان گڏ آبادين لاءِ سمنڊ ۾ 10 ايم ڊي جي سيرينيشن پلانٽ لڳائڻ جي منصوبي تي به غور وچار آهي هن چيو ته 30 سيپٽمبر تي ڪريم آباد انڊر پاس 15 نومبر تي ڪورنگي ڪازوي برج ۽ 31 ڊسمبر تي شارع ڀٽو جو ڪاٺوڙ تائين گٽر باغيچو واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽ جو جلد افتتاح ڪنداسين جتان شهر جي ڪارخانن کي پاڻي فراهم ڪنداسينڇو ته ڪارخانن جو هلڻ ڪراچي جي معيشت لاءِ ضروري آهي ميئر ڪراچي نئين حب ڪيلان شارع ڀٽو ۽ ٽي پي ون سميت ڪيترن .ئي منصوبن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي هن چيو ته اسان جي نيت ڪم ڪرڻ جي آهي اسان جي ويزن واضع آهي ميئر ڪراچي ميڊيا جي ڪردار کي جهموريت ۽ عوامي شعور کي مضبوط ڪرنگهو قرار ڏيندي چيو ته ڪراچي جي ترقي ۽ عوامي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ جوڳا قدم کنيا پيا وڃن ۽ هي عمل جاري رهندو هن چيو ته ميڊيا نه رڳو عوامي مسئلا اجاگر ڪري ٿو پر پاليسي ٺاهڻ ۾ رهنمائي جو ڪردار ادا ڪري ٿو ڪراچي ۾ هڪ جديد محفوظ ۽ سهولتن سان سرشار بڻائڻ لاءِ بلدياتي ادارا محنت ڪري رهيا آهن شفافيت اهتساب ۽ ڪاررڪدگي کي بنياد بڻائي شهرين کي بهتر سهولتون فراهم ڪيو پيو وڃن هن ڪراچي پريس ڪلب جي صحافين کي شهر جي بهتري لاءِ کڃندڙ قدمن کان آگاه ڪيو ۽ ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائي ڪراچي پريس ڪلب جي صدر فاضل جميلي ۽ سيڪريٽري سهيل احمد خان چيو آهي ته اسان پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهنداسين ۽ پنهنجي وطن جي جاگرافي ۽ نظرياتي سرحدن جي حفاظت ڪنداسين پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي ۾ ڪراچي پريس ڪلب جي ميمبرن جي اهم ڪردار رهيو آهي، تقريب ۾ ڪراچي پريس ڪلب جو اڳوڻو سيڪريٽري رضوان ڀٽي ڪراچي يونين آف جنرلسٽس نصرالله چوڌري جنرل سيڪريٽري ريحان خان چشتي سينئر جوائنٽ سيڪريٽري عبدالرحمان خزانچي زين علي اڳوڻو ڪي يو جي دستور جو صدر خليل ناصر سينئر طاهر عزيز عبدالماجد ڀٽي شاهد مصطفي آدل گوندل سلمان سعادت خان شاهد هاشمي عبدالجبار ناصر شمس ڪيريو اعجاز سمون سيد نصر اقبال لياقت مغل اختر شيخ ذوالفقار واهوچو ۽ بيا به موجود هئا